گوگل به جشن آزادي جي رنگن سان رنگجي ويو، ڊوڊل تبديل

گوگل به جشن آزادي جي رنگن سان رنگجي ويو، ڊوڊل تبديل

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي سرچ انجن گوگل به پاڪستانين جي خوشي ۾ شامل ٿي ويو آهي.سرچ انجن گوگل اڪثر ڪري اهم ڏينهن ۽ اهم شخصيتن جي سالگره وغيره جي موقعي تي کين خراج تحسين پيش ڪندي پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪندو آهي ۽ ائين ئي پاڪستان جي يوم آزادي تي به ڪيو ويو آهي.يوم آزادي جي موقعي تي اڄ گوگل پنهنجي ڊوڊل کي نئين رنگ سان رنگي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستانين کي انهن جي آزادي جي ڏينهن تي نه صرف ساون جهنڊن پر پاڪستان جي مشهور انب ۽ ٽرڪ جي آرٽ سان سجايو آهي.جڏهن ڪوبه انهي سرچ انجڻ کي استعمال ڪرڻ لاءِ کوليندو ته ان کي اهو ڊوڊل نظر ايندو ۽ انهي کي ڪلڪ ڪرڻ تي اهو گوگل جي مين پيج تي به نظر ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو