گورنر سنڌ مردم شماري بابت ايم ڪيو ايم جو مطالبو جائز قرار

گورنر سنڌ مردم شماري بابت ايم ڪيو ايم جو مطالبو جائز قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ عمران اسماعيل ايم ڪيو ايم جي مردم شماري جي مطالبي کي جائز قرار ڏنو آهي. عمران اسماعيل چيو  اهي ته ايم ڪيو ايم جو مطالبو جائز آهي  اهو خود پي ٽي آءِ  ۾ به بحث ٿي رهيو آهي  ايم ڪيو ايم سان مردم شماري جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو.هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو حڪمران اتحاد کانالڳ ٿيڻ ناممڪن آهي  هن چيو ته 2023 جي چونڊن کان اڳ مردم شماري ڪرائي ويندي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪالهه وفاقي حڪومت کان علحدگي جو اشارو ڏنو هو.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو هو ته وزيراعظم ايم ڪيو ايم سان ڪيل واعدو پورو نه ڪيو  آهي. وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي خدشن باوجود مردم شماري جي منظوري ڏني ، اسان کي ٻڌايو وڃي. اسان حڪومت ۾ ڇو آهيون. وفاقي ڪابينا تازو ئي مردم شماري جي نتيجن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.جيتوڻيڪ ، اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم ان سلسلي ۾ هڪ اختلافي نوٽ جمع ڪرايو ۽ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل وفاقي وزير امين الحق فوري طور تي نئين مردم شماري جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو