گورنر راڄ جو ڊپ، ايم اين ايز سنڌ هائوس مان نڪري ويا

گورنر راڄ جو ڊپ، ايم اين ايز سنڌ هائوس مان نڪري ويا

اسلام آباد(رپورت اياز مهر)قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو. سرڪاري ذريعن موجب حڪومتي ايم اين ايز کي سنڌ هائوس مان اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻه ڏينهن اڳ سول انٽيليجنس ايجنسين کي حڪم ڏنو هو ته هو قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي سخت نگراني ڪن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سول انٽيليجنس ايجنسي ميمبرن جي منتقلي بابت حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ آهي ته حڪومتي ميمبرن کي سنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، سول ايجنسي جو چوڻ آهي ته هو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته حڪومتي ميمبرن کي ڪٿي منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومتي ميمبرن کي صبح سوير مختلف گاڏين ۾ ويهاريو ويو، ٽن عورت ايم اين ايز کي سکر ۽ عورت ميمبرن کي رات دير سان سکر منتقل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ متوقع گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن کي منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو