اسلام آباد(بيورو)صدر عارف علوي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. رپورٽن مطابق صدر عارف علوي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر کي به وقتي گورنر بلوچستان جي ذميواري ڏني وئي آهي.










