ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ملڪي سياسي صورتحال ۾ نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته جيڪڏهن اپريل ۾ اهم فيصلا نه ڪيا ويا ته مئي ۾ ڪيترائي ماڻهو جيل يا پرڏيهه ويندا، چونڊون ملتوي ٿيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن عام چونڊون ٿيون ته به عمران خان وزيراعظم نه بڻجندو ۽ ڪو ٻيو اچي سگهي ٿو.منظور وساڻ چيو ته عمران خان غلطيون ڪندو رهندو، آڪٽوبر ۾ چونڊون نه ٿينديون.










