گهوڙا ٻاڙي واسي پريمي جوڙي پاران پسند جو پرڻو، تحفظ جو مطالبو

گهوڙا ٻاڙي واسي پريمي جوڙي پاران پسند جو پرڻو، تحفظ جو مطالبو

سجاول: (رپورٽر) گهوڙاٻاڙي جي رھواسڻ فاطمه پارهيڙي سجاول لڳ مڙهو بولاخان جي واسي نوجوان مقبول احمد اوٺو سان سجاول جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو تحفظ جو مطالبو، شادي شده پريمي جوڙي فاطمه پارهيڙي ۽ مڙس مقبول احمد اوٺو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٻنهي ڄڻن گهران نڪري سجاول جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي پسند جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ ناري جا مائٽ حسن پارهيڙي، حنيف پارهيڙي، حسين پارهيڙي، عبدالله پارهيڙي، محمدرحيم پارھيڙي، ارشاد پارهيڙي ۽ خدابخش پارهيڙي وارا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ڪارو ڪاري جي الزم ھيٺ قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن منهنجي مڙس ۽ سندس مائٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان جي زندگي زهر بڻيل آهي مونکي ۽ منهنجي مڙس مقبول احمد اوٺو کي منهنجي مائٽن مان جان جو خطرو آهي انهن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو