گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن بند جي سڪيورٽي تي قائم پوليس چوڪي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور موجب شر گينگ جي هڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيلن اندل سندراڻي ٿاڻي جي حد اندر پوليس چوڪي نمبر 46 تي جديد هٿيارن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو. هن چيو ته حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ظهير ٿهيم ۽ عبدالقادر مهر شهيد ٿي ويا.هوڏانهن اطلاع آهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيا.ايس ايس پي موجب پوليس جي وڏي نفري طلب ڪري ڌاڙيلن جي ڳولا جاري آهي. هوڏانهن شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار غلام قادر مهر جي جنازي نماز ڳوٺ عارب مهر ادا ڪئي وئي جنازه نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سميت گهوٽڪي پوليس وڏي انگ ۾ شرڪت جنهن ۾ ايڊووڪيت عبدالرزاق ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل مهر اعجاز احمد خان مهر اڪبر علي خان مهر مختيار ڪار نظير احمد مهر ڊي ايس پي گهوٽڪي ايس ايڇ او عادلپور صحافي حليم لارا مهر غلام رسول مهر سميت سوين علائقي واسين شرڪت ڪئي مرحوم جي جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي سوين آلين اکين سان سندس اباڻي قبرستان پير بائد بگو شير بادشاه ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو جڏهن ته سندس وارثن سان تعزيت جو سلسلو ڳوٺ عارب ۾ هلندڙ آهي










