ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون 10 نمبر جي گهر ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب عورتن، ٻارن ۽ تازن ڄاول جاڙن ڀائرن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب غوثيه چوڪ ڀرسان هڪ ماڙ عمارت جي پهرين منزل تي گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن سبب گهر جي ڀٽ ٽٽي پاڙيسري جي گهر ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي ۽ ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 11 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 25 ڏينهن اڳ ڄاول 2 جاڙا ڀائر حسين ۽ حسن به شامل آهن.پوليس موجب حادثي دوران 4 ڄڻا ڀت ڪرڻ سبب جڏهن ته 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا آهن، سمورن زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.زخمين جي سڃاڻپ 25 ڏينهن جي 2 جاڙن ڀائرن حسن ۽ حسين، 39 ورهين جو فرقان، 33 ورهين جي رابعه، 30 ورهين جو عرفان ۽ فيضان جي نالن سان ٿي آهي. ان کان علاوه 27 ورهين جي انعم، 25 ورهين جي ندا، 20 ورهين جي اقرا، 7 ورهين جو ابوبڪر ۽ 4 ورهين جي زارا به زخمين ۾ شامل آهن.ڌماڪي کان پوءِ گهر جي حالت زبون حال ٿي وئي، پوليس گهر جي هيٺين حصي ۾ رهائش ڪندڙ ماڻهن کي احتياط جي طور تي ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.










