فيض گنج (وسيم سولنگي) ڪرونڊي لڳ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڀرسان محله بالم آباد جو رهواسي ٻارهين درجي جو شاگرد خدا بخش پٽ اڱڻ خان ملاح بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارث ڪرونڊي جي خانگي اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران شاگردن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. اهڙي واقعي بعد سندس گهر۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي شاگرد جي وارثن موجب خدا بخش گهر جي بجلي ٺاهي رهيو هو ته اچانڪ بجلي اچي وئي جنهن سبب ان کي ڪرنٽ لڳو جنهن ۾ هو فوت ٿيو آهي.










