زوار حسين شاه
سبڌ م بارشن تباهي مچائي ڇڏي آهي ، جڏهن ته پوري دنيا کان امداد ملڻ جو به سلسلو جاري آهي ، پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي گحڪومت وقت پاران مالي امداد نه ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ م سراپا احتجاج آهن ، پر پوء به ڪو ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي ، جڏهن ته نت نوان طريقا استعمال ڪري ڪرپٽ مافيه ڪرپشن ڪرڻ ۾ به مصروف آهن انصاف ڪنهن کي نه پيو ملي ، هر ماڻهون پريشان آهي ، بي نظير سپورٽ پروگرام بارش متاثرين لاء خاص آيل امداد 25000 هزار روپيان مان به ڊيوائيز مافيه ايجنٽ ايڇ بي ايل فرنچائيز مالڪان ، بسپ عملو به ڪرپشن ڪٽوتي ۾ ملوث آهن جڏهن ته بارش متاثرين کي امداد نه پئي ملي ، ڊي جي بسپ سنڌ سميت راڻيپور سينٽرن جو دورو ڪيو پر ڪو خاص کڙ تيل نه نڪتو ، عورتن کي نظر انداز ڪري من پسند ايجنٽن ذريعي ڪٽوتي پيسا ڏين پيا ، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بئنڪ جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن لاءِ 110 ارب رپين جو هائوسنگ منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اسپيشل يونٽ قائم ڪيو ويندو. اها ڳالهه جمعي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين وچ ۾ ملاقات دوران سامهون آئي جنهن اسلام آباد مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، منظور وساڻ، ناصر شاهه، ڄام خان شورو، ضياءَ عباس شاهه، رسول بخش چانڊيو، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي ٽيم ۾ پروگرام ليڊر عبدالرزاق خليف، سينيئر ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ ايلف ايهان، بلال خالد، ڪامران اڪبر، يونزئي لگ ۽ فرح يامين شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن اڳواٽ ئي ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ٻوڏ هيٺ آيل شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته هڪ اڌ مهيني اندر پاڻي ڪڍيو ويندو ۽ وڌيڪ چيو ته پاڻي گهٽجڻ کانپوءِ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سياري جي مند اچي رهي آهي تنهنڪري اسان کي ماڻهن لاءِ رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوندو. هن عالمي بئنڪ تي زور ڀريو ته هو هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ مالي مدد ڪري. وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊگهي بحث کانپوءِ 110 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪمپني قائم ڪئي ويندي. ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) سندن گهرن جي تعمير شروع ڪندو جنهن لاءِ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي سهڪار سان سروي جاري آهي. وڏي وزير ورلڊ بينڪ سان گڏجي هڪ ٻئي منصوبي جي شروعات ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٻوڏ وگهي روڊن جو ڄار تباهه ٿي ويو آهي ۽ نيڪال جو نظام برباد ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو شهر ۾ تباهه ٿيل روڊن جي بحاليءَ لاءِ 13 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪرڻ چاهي ٿو. ورلڊ بئنڪ منصوبي لاءِ 6 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي وڏي وزير چيو ته هوءَ باقي 7 ارب رپيا ٻين وسيلن مان وصول ڪندو. سيوريج لائينن جي مرمت ۽ تعمير جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته تازين برساتن کين ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 25 ارب رپين جي اسڪيم تي ڪم ڪيو آهي ته جيئن سيوريج سسٽم کي وسيع ۽ نئين سر ترتيب ڏني وڃي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته منصوبي جي مالي مدد KWSSIP منصوبي ذريعي ڪئي ويندي. وڏي وزير ڄام صادق پل يا پيراليل پل جي بحاليءَ جو منصوبو به ورتو جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي ٽيم ايندڙ هفتي اجلاس ۾ ان منصوبي تي ڳالهائڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير هارين جي پريشاني بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب کين گڻو نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت هارين کي ڀاڻ ۽ منظور ٿيل ٻج جي صورت ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ 30 ارب رپين جي اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڪجهه مراعتون ڏئي پنهنجي ٻوڏ واري زرعي صنعت کي بحال ڪرڻو پوندو ڇوته هاري طبقو منظور ٿيل ٻج، ڀاڻ ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ جو وس ۾ نه آهن. ورلڊ بينڪ ان مقصد لاءِ 323 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيئن هاري پنهنجي زمينن کي ٻيهر سرسبز ڪرڻ لاءِ ايندڙ ربيع جي فصل جي تياري شروع ڪري سگهن ، مان عرض ڪيان ته جيڪڏهن هن ڏکئي وقت ۾ به غريبن جي مدد نه ڪئي ته پوء احساس محرومي ۾ وٺجي ويندا ، ۽ نفرت ۾ به اصافو ٿي رهيو آهي ، جنهن طرح سان سوشل ميڊيا يا انٽرنيشنل ٽي وي چيئنلز تي رپورٽس ڏسون ٿا ته سنڌ اندر سنڌ جي ماروئڙن جا احتجاج دانهون ٻڌو ٿا ، جنهن طرح سان نفرت جو اظهار ڪن ٿا ، جيڪڏهن ائين ئي غريب بارش متاثرين سان ذيادتيون ٿينديون رهيون ته پوء ملڪ اندر خاموش انقلاب اچي سگهي ٿو جيڪو سياسي پارٽين سميت سياستدانن لاظ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري بنا دير جي بنا فرق جي ميرٽ کي مدي نظر رکندي بهتر اهو آهي ته بارش متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ، جي.ن احاسا محرومي مان نڪري سگهن ، مان جيڪڏهن راڻيپور ، سوڀوديرو ، سمي سڳوين ، يوسي عبدالڪريم کرل ، هنگورجا رسول آباد محرابپور ، سيٺارجا گاد شريف ، گمبٽ . کهڙا ، اڳڙا ، ڪنب ، ڪوٽ ڏيجي ، پير ڳوٺ سئي گيس ، ٺري ميرواهه فيض گنج پيروسڻ ، ڪنديارو ، مورو ، نوابشاه ، لاڙڪاڻه ۽ شڪارپور سکر ، خيرپور ، ڪنڌ ڪوٽ ، ٻين ضلعن تعلقن خاص دادو ، خيرپور ناٿن شاه ، سيوهڻ شريف جي شهرن تي نظر وجهنداسين ته قيادمت صغرا نظر اچي رهي آهي معصوم ٻاررن جا ڪيهاٽ بزرگ جون دانهون ٻڌي دل رت ٿي روئي ، هن وقت به بارشن جو پاڻي ناهي نڪتو ، جنهن کان پوء حالات سنڌ جا به خراب ڏسي رهيا آهيون ، خدا جي واسطي غريبن جي مدد ڪيو هن وقت تائين اربين ڊالرس ملي چڪا آهن جڏهن ته آمريڪا ، چين ، سعودي عربيه ، ملائيشيا بنگلاديش سميت ٻين ملڪن تاريخي مد امداد ڏني آهي پر سنڌ جي ماروئڙن جي مالي مدد سان گڏ کاڌ خوراڪ ڇيئڻ جي پاڻي دوائن کان به اڪثر ماڻهن کي محروم رکيو ويو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي ، جڏهن عدالت سڳوري جو تاريخي فيصلو آيل آهي ته هاڻ قابل احترام جج صاحبان وڪيل آفيسر گڏجي بارش متاثرين جي مدد ڪندا ۽ سامان جي ورڇ ڪندا ، اسان کي اها پڪ آهي ته بارس متاثرين کي ميرٽ تي کاڌ خوراڪ ، پيئڻ جو پاڻي ، دوائون ٽينٽ ، تڙپالون پڻ ڏنيون وينديون ، جڏهن ته سنڌ ٻڏي وئي آهي جنهن جا پڪا ثبوت انٽرنيشنل ميڊيا ، لوڪل ميڊيا ، سوشل ايڪٽيويست ، سماجي اڳواڻ لائيو ڏيکارين ٿا ، جڏهن ته سٽي لائيو نيوز سنڌ جا دوست ننڊي وڏي شهرن سميت هر وارڊ کي لائيو به وٺن ٿا بهترين روپيورٽنگ به ڪن ٿا ، جيئن بارش متاثرين جي ڪنهن بهاني مدد ٿي سگهي ، اسان کي اميد پڪ آهي ته عوام جا هي ڏکيا ڏينهن انساء الله ختم ٿيندا پر جيڪڏهن هن وقت به ايم اين ايز ، ايم پي ايز ، آفيسرن بارش متاثريبن جو خيال نه رکيو ۽ نظر انداز ڪيو ته پوء سنڌ اندر ڪجهه ٿي سگهي ٿو ، ان ڪري گزارش ڪندس ته اسان نسان دهي ڪيون ٿا توهان انهن بارش متاثرين جي مدد ڪيو هن وقت به سنڌ جي ننڊن وڏن شهرن سميت راڻيپور جي خاص سچل ڪالوني ، همدرد محلا ، ڪچي آبادي ، جوڳي فقير ، ڳوٺ علي آباد وساڻ ڊومڪي محلا . ڳوٺ سالاري سولنگي حاجي رياضت ڪالوني ميان بخش علي ڪالوني جڏهن ته گورنيمنٽ سچل گرلس ڪاليج ، جانور جي اسپتال ، اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو سڀ آفيس راڻيپور ، ٽائون آفيس ، ميران سائين لائيبرري ، سڳا آفيس به پاڻي جي لپيٽ هيٺ آهي . في الفور انهن آفيسن مان پاني ڪڍيو وڃي مان عرض ڪيان ته الله سائين ڪري جو ورلڊ بينڪ سميت وفاق پاران گهر اسڪيم لاء پلاننگ ڪري رهيا آهن پر مان سمجهان ٿو ته اهي جن جو جاني مالي نقصان ٿيو آهي ، انهن کي هاڻ به گهر مشڪل ملندا ، ان لاء پلاننگ اهڙي ڪئي وڃي جيئن بارش متاثرين جن جا اجها مڪمل ڊهي پٽ ٿي ويا آهن انهن کي پهرئين اوليت ڏيندي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن










