گهرو پريشانين سبب 5 ٻارن جي پيءُ جي خودڪشي

سنڌآبادگار(عبدالودودلنڊ) ڳوٺ رضوان سعيد ۾ 5 ٻارن جي پيءُ بيکو ڪولهي غربت ۽ ذهني دٻاءُ سبب آپگهات ڪري ڇڏيو، 35 ساله بيکو پُٽ اوکو ڪولهي گهر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي مقامي پوليس پهچي لاش ايمبولينس نه هجڻ ڪري سوزوڪي ۾ وجهي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر کڻي آئي، هوڏانهن آپگهات ڪندڙ بيکو ڪولهي جي وارٽن ٻڌايو ته نوجوان ڪافي وقت کان ذهني دٻاءُ جو شڪار هو ، اسان ڪافي علاج ڪرايو جنهن کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويو هو پر رات اسان ستل هئاسين ته هن اهڙو قدم کنيو، هنن ٻڌايو ته نوجوان ذهني پريشاني ڪري ئي خودڪشي ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو