جهڏو (ن س)جهڏو لڳ غربت مفلسي جي ڪري گهرو اڻبڻت تان ناري پاران ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص ريفر، جھڏو لڳ ڳوٺ ببلي قائم خاني ۾ 27 سالا ناري لڇمي زال اجي ڪولهي پاران گهر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن فوري طور جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران کيس ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج ميرپورخاص سول اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ناري مڙس کان ناراض ٿي اهڙو قدم کنيو آهي ناري مڙس کي مائٽن ڏانهن وٺي وڃڻ جو چوندي هئي مڙس پاران غربت سبب انڪار ڪرڻ تي ناري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.










