گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک، 2 ٻار زخمي، متاثرن جو احتجاج

گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک، 2 ٻار زخمي، متاثرن جو احتجاج

ملير (شهزادو مستوئي ) شاھ لطيف ٽائون واري علائقي ۾ ڪچن گهرن کي اوچتو باھ  وڪوڙي وئي، گهرن ۾ موجود رهواسي رڙيون ڪندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، 10 گهر سڙي رک ٿي ويا، 2 معصوم ٻار صابران ۽ زوهيب سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور مقامي اسپتال پهچايو ويو. رهواسين جي رڙين ۽ پوليس مددگار 15 تي اطلاع ڏيڻ تي پوليس ۽ فائربرگيڊ عملي پهچي باھ وسائي. واقعي خلاف رهواسين احتجاجي  مظاهرو ڪندي بااثرن خلاف ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عرفان لالا، نبي بخش عارفاڻي، مصطفيٰ عارفاڻي، خالد، بيواهه شبانه غازي، زبيده لالي ۽ ٻين  الزم هڻندي ٻڌايو ته علائقي جي بااثرن ۽ قبضاگيرن ۽ ان جي ڇاڙتن هُلان ڪري عورتن ۽ مردن کي مارڪٽ ڪرڻ بعد  گهرن کي باھ ڏئي ساڙيو آهي جنهن سبب سندن الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي.

هنن جو چوڻ هو ته شاہ لطيف ٽائون سيڪٽر 31A ۾ گذريل 16 سالن کان ڪچا گهر اڏي ويٺل آهن هو سنڌ جي مختلف علائقن مان بارشن ۽ قدرتي آفتن سبب متاثر ٿي هتي آباد ٿيا آهن ڄاڻايل ماڻهن  ڪيترائي ڀيرا اسان جي گهرن تي بنا جواز غير قانوني طور تي چڙهايون ڪري هتان بي دخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون جهن ۾ هو ناڪام ويا ته هاڻ حملو ڪري اسان جا گهر ساڙي هٿياربند زمين خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن متاثر جڏهن شاھ لطيف ٿاڻي پهتا ته اتي موجود ايس ايڇ او رانا مقصود فرياد وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پهرين سڙيل گهرن جون تصويرون ڪڍي اچو پوءِ ڪيس داخل ڪنداسين. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي، اي ڊي آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي ملير ۽ وس وارن کي  واقعي جي تحقيقات ڪري حملو ڪري گهر ساڙيندڙ با اثر قبضاگيرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو