گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي جي تحريڪ سکر پهچي وئي

گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي جي تحريڪ سکر پهچي وئي

سکر(جيرام داس ) سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف سنڌ سڀا جي تحريڪ سکر پهچي وئي، 32 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. سنڌ اندر جبري گمشدگين سميت انساني حقن جي سنگين لتاڙ خلاف سنڌ سڀا پاران ڪراچي کانپوءِ سکر پريس ڪلب آڏو بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر نذير کوکر جي اڳواڻي ۾ جمعي ڏهاڙي صبح ڏهين وڳي کان سکر پريس ڪلب آڏو ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال شروع ڪئي وئي، صحافي تاج رند، اسلم کهڙو، هوش محمد بليدي ۽ ٻين ڪئمپ تي پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ تاج رند چيو ته، سنڌ اندر انساني حقن جي بدترين لتاڙ باوجود حڪمران توڙي عدالتون خاموش آهن، هنن چيو ته سنڌ جي گهرو سيڪريٽري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته 2011ع کان هيل تائين سنڌ اندر   4 هزار 211 ماڻهو گم ٿيا آهن، جن مان 605 ماڻهو اڃان تائين گم آهن. هزارين ماڻهن جي گمشدگي رياست، حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عدالتن لاءِ وڏو سوال آهي. هنن چيو ته سياسي ڪارڪنن کانپوءِ انساني حقن جي لتاڙ خلاف احتجاج ڪندڙ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ اسڪولي شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، گم ڪيلن جي گهرن تي ڪاهون ڪري انهن جي مائرن ۽ ڀينرن جي تذليل ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته آئين، قانون ۽ انساني حقن جا بکيا اڊيڙڻ کي رياست يا آئين جو تحفظ نه ٿو چئي سگهجي. ملڪ ۾ لولي لنگڙي جمهوري نظام ۽ عدالتون موجود آهن، رياست سان  اختلاف رکندڙ توڙي عدم انصاف خلاف پرامن جدجهد ڪندڙ شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ بدران انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. طاقت جي استعمال ذريعي مظلوم قومن  کي دٻائڻ بدران ڳالهيون ڪري انهن جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو