ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پوليس 4 گم ٿيل شهرين جي واپسي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت شهرين جي واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. عدالت شهرين جي واپسي تي بازيابي جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي گرمين جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










