غوثپور۔(عبدالنبي ملڪ) ٻھ ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان پراسرا نموني سان گم ٿيل ڳوٺ محمد مراد جعفري واسي ٻن نينگرن صابر ۽ جاويد جعفري کي ڪشمور پوليس ڪرمپور ويجھو بيگاري ڪئنال واري علائقي مان ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي ھٿ ڪري ورتو۔ پوليس ذريعن ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايتن تي ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ فراز ميتلو ۽ ايس ايڇ او غوثپور مولا بخش بگٽي انٽييجنس بئسڊ ڪاروائي ڪري ٻنھي نينگرن کي بيگاري ڪئنال ڀرسان بازياب ڪرائي ورتا آھي۔ واضع رھي ٻئي نوجوان چانور ڇولا وڪڻي پورھيو ڪندا ھئا ۽ ٻھ ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويا ھئا ۽ وارثن شڪ ڄاڻايو ته کين مبينه طور اغوا ڪيو ويو آھي۔وارثن ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو کي اپيل به ڪئي ھئي ته اسانجي مدد ڪري نينگر بازياب ڪرا ئي ڏنا وڃن سو اسان جي مدد ڪئي










