گم ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ،اسپتال منتقل

گم ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ،اسپتال منتقل

ٺٽو(ن سنڌيار) 2 ڏينھن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل مڪلي پوليس لائين جي رهواسي نوجوان بهادر علي ولد سبحان علي چنجني جو لاش ڪالھ صبح ڪينجھر ڍنڍ مان ڪينجھر پوليس کي هٿ آيو آھي، جنھن جي سڃاڻپ سندس وارثن پاران ڪئي ويئي آھي، جنھن بعد فوتي نوجوان جو لاش ڪينجھر پوليس ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال مڪلي منتقل ڪري ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ڪينجھر پوليس موجب نوجوان پاران خودڪشي ڪرڻ لڳي ٿو، جنھن جي جانچ ڪئي پئي وڃي، گم ٿي ويل نوجوان جي گمشدگي جي رپورٽ پڻ مڪلي ٿاڻي تي سندس وارثن پاران درج ڪرائي ويئي ھئي، فوتي نوجوان بھادر علي جي موت جي خبر فوتي نوجوان جي گھر ڀاتين کي ملڻ بعد مٿن سڪتو طاري ٿي ويو، سندن گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ٻئي طرف فوتي نوجوان جي موت وارو معاملو ڳجھارت بڻجي ويو آھي، فوتي نوجوان بھادر علي چنجني ڪجھ دوستن پاران مسلسل تنگ ڪرڻ سبب پريشان ھو، سندس پاران ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪرڻ جا پڻ ڄوٻول گردش ڪن پيا، جنھن جي تصديق حد جي پوليس کي ڪري فوتي نوجوان جي وارثن سان انصاف ڪرڻ گھرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو