اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لاپته ٿيل شهري عمران خان جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته رياستي ادارن کي آخري موقعو آهي ته ان کي بازياب ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته گم ٿيل ماڻهن بابت جڙيل ڪميشن جو مقصد ڇا آهي؟ ڪو ماڻهو غائب ٿي وڃي ۽ اُن جو پتو نه لڳي ته رياست کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته شهري بازياب نه ٿيو ته ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ بيان ڏئي ته رياست جا سڀ ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن، رياست ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ظرف ته ڏيکاري جو پنهنجي ناڪامي تسليم ڪري، گم ٿيل ماڻهن بابت قائم ٿيل ڪميشن 10 سالن کان ڪيس پاڻ وٽ رکي ويٺي آهي، ڪو ماڻهو پنهنجي مرضي سان به ويو آهي ته اُن جو پتو لڳائڻ رياست جي ذميواري آهي، عدالت عمران خان کي 29 سيپٽمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيند ي چيو ته هي آخري موقعو آهي.










