گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي

گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ نوشهروفيروز مان گم ٿيل شاگرد فيصل، ڪراچي جي علائقي ناظم آباد واسي راسط الله، ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد مان سيد خرم ڪاظمي ۽ مومن آباد کان سجاد سميت ٻين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، گم ٿيل شهرين جا وارث به پيش ٿيا. جسٽس صلاح الدين پنهور جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو آهي يا نه؟جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي جا اجلاس ٿيا آهن، گم ٿيل شهرين جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هڪ ذهني مريض شهري پاڻمرادو گهران نڪري ويندو هو، هڪ شهري مٿان قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جي آءِ ٽي جي اجلاسن کي ڇڏيو، کين خبر آهي ته جي آءِ ٽي جي اجلاسن ۾ ڇا ٿيندو آهي؟.نوشهروفيروز جي رهواسي فيصل جي امڙ عدالت کي ٻڌايو ته 13 سال کان سندس پٽ گم آهي، ان جي ڪابه خبر ناهي. عورت عدالت کي ٻڌايو ته پٽ شاگرد هو، هڪ نمبر تان پئسن لاءِ ڪال ايندي رهندي آهي، اهو نمبر به جي آءِ ٽي کي ڏنو آهي. عورت جي دانهن تي عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان شاگرد جي بازيابي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟جاچ آفيسر ٻڌايو ته جنهن نمبر تان ڪال ايندي رهي آهي ان نمبر جي ڊٽيل ورتي آهي، اهو پئرس ۾ رهي ٿو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي حڪم ڪيو ته ڪوشش ڪري گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو، اخبارن ۾ اشتهار ڏيو، ٽي وي چينلن تي گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون هلرايو، ملڪ جي جيلن ۽ ايجنسيز کي به خط لکو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ايف آءِ اي کان شهرين جي سفري هسٽري بابت به رپورٽ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به تازيون رپورٽون طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو