گم ٿيل بازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي جيل ويندو: عدالت

گم ٿيل بازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي جيل ويندو: عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 7 سالن کان گم ٿيل سمير آفريدي ۽ ٻين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، تنهن ڪري اسان کي گرفتار ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي پڇيو ته جيل ۾ وڌو ويندو. عدالت پوليس، جي آءِ ٽي ۽ ٻين ادارن جي رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي جاچ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.جسٽس نعمت الله پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ هن پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪجهه نه ڪندي ته ڊي آءِ جي کي جيل ۾ وجهنداسين.عدالت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ ٻين علائقن ۾ قائم حراستي مرڪزن جي رپورٽ طلب ڪندي اي وي سي سي، سي ٽي ڊي کي به تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت شهري سمير آفريدي کي 8 مئي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو