اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) برساتي ٻوڏ ۽ ليند سلائيڊنگ سبب گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستي ۽ ڪي پي جا ڪيترائي روڊ بند ٿي ويا آهن، سوين سياح ڦاٿل آهي. حڪومت سياحن کي صلاح ڏني آهي ته هو سياحتي مرڪزن ڏانهن روانگي کان اڳ رستن جي کليل هئڻ جي ڄاڻ وٺي پوءِ روانا ٿين. پنجاب ۽ ڪي پي کي گلگت بلتستان سان ڳنڍڻ واري رستي جا ڪجهه حصا بند آهن. بند رستا کولڻ لاءِ هيوي مشينري رڪاوٽون هٽائڻ ۽ رستا کولڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ڊان اخبار جي هڪ رپورٽ موجب ڪي پي ڪي ۾ شانگلا ۽ ڪوهستان لاءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام عباس ڊان کي ٻڌايو ته قراقرم هاءِ وي کي جيجل، پتن، اوچڙ نالا ۽ ٻين علائقن ۾ روڊ بلاڪ آهي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن رڪاوٽون هٽائي رهي آهي. اوچڙ ناله تي پل گذريل سال آگسٽ ۾ آيل ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي هئي، جنهن کي اڃا تائين تعمير نه ڪيو ويو آهي. عباس چيو ته سائيٽ تي تعمير هيٺ پل کي اڄ کان ٽريفڪ لاءِ کوليو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته عارضي رستو جيڪو 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ استعمال ڪيو ويو هو خراب ٿي چڪو هو. سوات بشام روڊ تي لينڊ سلائيڊنگ سبب وڌو پٿر پڪ اپ تي ڪريو جنهن سبب هڪ مسافر فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. خميس تي شانگلا ضلعي جي ڳوٺ ڪز ڪلي ۾ ليند سلائيڊنگ يعني پهاڙي ڇپ ڪرڻ سبب 8 ٻارڙا دٻجي مري ويا هئا.










