اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر سبب حسن آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هنزه جي علائقي حسن آباد ۾ شيشاپر گليشيئر ۾ ٺهيل ڍنڍ مان پاڻي نڪرڻ تباهي مچائي ڇڏي آهي. علي آباد شهر ۽ حسن آباد ڳوٺ ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻه پاور پلانٽ پڻ متاثر ٿيا آهن.حسن آباد پل ڊهي وڃڻ سبب قراقرم هاءِ وي جو ڪجهه حصو متاثر ٿيو آهي ۽ پل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.هنزه ۾ حسن آباد پل ڊهي وڃڻ بعد متبادل لوهي پل هنزه منتقل ڪيو ويو آهي ۽ عارضي پل لڳائڻ لاءِ سائيٽ جي چونڊ ڪئي پئي وڃي.ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف هنگامي قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ انهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو وڃي.هن وفاقي ادارن کي پڻ هدايت ڪئي ته اهي گلگت بلتستان حڪومت کي متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري ايمرجنسي سامان پهچائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪن.وزيراعظم گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي ڇڏڻ سبب ٿيل نقصان ۽ متاثر ماڻهن جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.وزيراعظم قراقرم هاءِ وي تي حسن آباد پل جي ٻوڏ سبب متبادل رستو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي تباهي، 2 پاور پلانٽس جو به اندازو لڳايو وڃي.شهباز شريف 700 ۽ 250 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس کي جنگي بنيادن تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اعلان ڪيو ته پاور پلانٽس جي بحالي ۽ مرمت جو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.وزيراعظم گليشيئر ڍنڍ ۾ ٿيل نقصان تي متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي متاثرن کي مڪمل هنگامي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.










