گرمي جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري مون سون جو ڦهلاءُ وڌيڪ آهي

گرمي جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري مون سون جو ڦهلاءُ وڌيڪ آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر چيو آهي ته گرمي جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري مون سون جو ڦهلاءُ وڌيڪ آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته جن علائقن ۾ مواصلاتي رستا خراب آهن، انهن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي، متاثر ضلعن ۾ امدادي سامان ۽ کاڌو فراهم ڪيو ويندو. اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي.ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، بونير، باجوڙ ۽ بٽگرام ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي، ۽ وزيراعظم جي هدايتن موجب ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ سروي جاري آهي.هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحتي هنڌن تي ٻوڏ ۽ حادثا ٿيا، مواصلاتي نقصان کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو.هن چيو ته 2 هفتن ۾ اسان جو ڌيان اتر پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو