ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اپوا گرلز ڪاليج جي 28 اسٽاف ملازمن جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت ٿي چڪي آهي.ان کان اڳ ، سر سيد گرلز ڪاليج ۾ 58 ۽ شهيد ملت ڪاليج ۾ 21 ماڻهون ڪورونا جو شڪار ٿيا هئا سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن ڪاليجن ۾ ڪورونا ٽيسٽن ڪرڻ جو تعداد وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ياد رهي ته ، سنڌ ۾ ڪورونا کان هن وقت تائين 2لک45هزار،663 ماڻهو متاثر ٿيا آهن ، جڏهن ته 3هزار986 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن.










