حيدرآباد (پ_ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي پريس ترجمان حميد انقلابي، سرواڻ هاليپوٽي ۽ صدام ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان گرانٽ نه وڌائڻ سبب سنڌ جون يونيورسٽيون ڪروڙين روپين جون قرضي بڻجي ويون آهن، وفاقي سرڪار 5 سالن کان وٺي سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ ناهي وڌائي جنهن سبب سنڌ جون يونيورسٽيون سخت معاشي بحران جي ور چڙهي ويون آهن. اڳواڻن چيو ته گرانٽ نه وڌائڻ تعليم دشمني آهي وفاقي حڪومت ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت ٻين کاتن سان گڏ تعليم کي به تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان ملندڙ گرانٽ مان به هيڪ طرفان سنڌ جي يونيورسٽين کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ گرانٽ ڏني وڃي ٿي. جيڪا سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي آهي. گرانٽ گهٽ ملڻ سبب سنڌ جون يونيورسٽيون هر سال هزارين روپيا فيون وڌائن ٿيون جنهن سبب سنڌ جا غريب شاگرد تعليم پرائڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته يونيورسٽين جي گرانٽ وڌائي سنڌ جي يونيورسٽين کي برابري جي بنيادي ته گرانٽ ڏئي فين ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا غريب شاگرد بهتر نموني سان تعليم پرائي سگهن. صوبائي هيڪ کي بحال ڪري ڊاڪٽر عاصم جهڙن ڪرپٽ عملدارن کي ان جو چيئرمين مقرر ڪرڻ بجاءِ ميرٽ جي بنياد تي چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. ٻئي پاسي دائود يونيورسٽي طرفان 88 ڪانٽريڪٽي ۽ ڊيلي ويجز سنڌي ملازمن کي برطرف ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو ته ان جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. برطرف ڪيل ملازمن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ گوسڙو ملازمن کي سسپينڊ ڪري انهن جي جاءِ تي ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي کنيل ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي.










