گذريل مالي سال پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ ڪاٽو رهي

گذريل مالي سال پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ ڪاٽو رهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گذريل مالي سال دوران پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ ناڪاري هئي، جنهن جا اهم سبب حڪومت طرفان اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺڻ تي پابندي ۽ آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام جي معطلي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گذريل مالي سال دوران حڪومت پرڏيهي قرض گهٽ ۽ واپس وڌيڪ ڪيو، گذريل سال حڪومت کي مقامي بينڪن ۽ نان بينڪن ذريعن کان ڪمرشل قرض وٺڻا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال دوران پرڏيهي ذريعن کان فنانسنگ ناڪاري رهي، جڏهن ته گذريل مالي سال جو بنيادي خسارو جي ڊي پي جي 7 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو.ذريعن موجب مالي سال 2022-21 دوران حڪومت جي پرڏيهي فنانسنگ 1.178 ٽريلين رپيا هئي، مالي سال 2022-21 دوران مقامي ذريعن کان فنانسنگ 4.4 ٽريلين رپيا هئي، جڏهن ته پرڏيهي فنانسنگ 1.33 ٽريلين رپيا هئي.ذريعن موجب، مالي سال 2022-21 دوران مقامي فنانسنگ 2.37 ٽريلين رپيا رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو