ڪشمور(رپورٽر اصغر علي چانڊيو )اينٽي ڪرپشن ٽيم جو پي آر سي خوراڪ سينٽر تي ڇاپو، ڇاپي دوران سال 2020/21 دوران ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪروڙين روپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. فرسٽ سول جج مئجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي جي نگراني ۾ اينٽي ڪرپشن ڪشمور ڪنڌڪوٽ شاھد بشير کوسو منور علي پٺاڻ غلام محمد کوسو ڪشمور جي پي آر سي خوراڪ سينٽر تي ڇاپو هڻي خوراڪ سينٽر تي گودامن جو معائنو ڪيو جتي مڪمل ڪڻڪ جا گودام خالي پيل آهن. اينٽي ڪرپشن ٽيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي جاچ دوران پي آر سي خوراڪ سينٽر تي وقتن بوقتن مقرر ٿيندڙ فوڊ انسپيڪٽرز سال 2020/21 جي ڪڻڪ خريداري ۾ 35 ڪروڙ رپين جو غبن ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي ڇاپي دوران پي آرسي خوراڪ سينٽر تي ڪو به فوڊ عملدار موجود نه ھئڻ ڪري اينٽي ڪرپشن ٽيم کي ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.










