لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي وفاقي حڪومت پاران پنجاب کي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪڻڪ جي موجوده اسٽاڪ ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو، يوريا، فاسفيٽ، ڪڻڪ جي ٻج ۽ امپورٽ ٿيل ڪڻڪ تي سبسڊي تي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي وفاقي حڪومت پاران پنجاب کي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.هن چيو ته سنڌ ۽ ٻين صوبن کي وفاق پاران امپورٽ ڪيل ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي، وفاق اڳ به ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پر پنجاب سان شيئر نه ڪئي، جڏهن ته اڃا تائين 16 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پنجاب کان اسلام آباد کي فراهم ڪئي پئي وڃي.پنجاب آئيني ۽ قانوني طريقي موجب ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت طلب ڪري ورتي، وفاقي حڪومت جو پنجاب جي عوام سان رويو نه رڳو افسوس جوڳو پر قابل مذمت پڻ آهي.










