ڪچي ۾ آپريشن: پوليس جي فائرنگ،ڌاڙيل لانچرهلائڻ لڳا

ڪچي ۾ آپريشن: پوليس جي فائرنگ،ڌاڙيل لانچرهلائڻ لڳا

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن جو اڄ 11 هون ڏينهن آهي، پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس گوليون استعمال ڪري رهي آهي ۽ ڌاڙيل راڪيٽ لانچر جو استعمال ڪري رهيا آهن.پوليس ترجمان موجب قلعي سخيراڻي واري علائقي جو گهيرو ڪري ڌاڙيلن جي سپلائي لائين ڪٽ ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين 3 ڌاڙيل مارجي ويا آهن، 18 کي گرفتار ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته کين سکاڻي گينگ جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڊي پي او مهر ناصر سيال موجب پوليس چورن جي ڳجهن هنڌن بابت تفصيلي جاچ ڪري رهي آهي.هن چيو ته دولاني ۽ لنڊ گينگ جا ٿلها ڊاهي پٽ ڪري 3 وڌيڪ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن.ڊي پي او مهر ناصر سيال جو به چوڻ آهي ته ڪچي جا سمورا رستا ۽ گذرڻ وارا رستا سيل ڪيا ويا آهن، درياهه ۾ ٻيڙين جو گشت پڻ ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو