سجاول ( ن سنڌيار) سجاول ۾ ڪچي جي علائقن جا رهواسي ٻوڏ متاثر سرڪاري امداد نه ملڻ خلاف احتجاج، انتظاميه خلاف سخت نعري بازي، سجاول لڳ ننڍي گونگڙي ڀرسان نئو رستو وٽ ڪچي جي علائقن جا رهواسي مريد کوسو جي ٻوڏ متاثرن عاشق علي کوسو، محمد موسيٰ کوسو، وسايو ساڙهو، عبدالله ملاح، رمضان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سجاول چوهڙ جمالي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ضلع انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. جڏھن ته ڌرڻي دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثرن چيو ته هڪ هفتو گذري ويو آھي ضلع انتظاميه توڙي فلاحي تنظيمن پاران ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آھي اسان کي تنبو، راشن ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي صحت جي سهولت لاءِ مڇردانيون ملي ناهي سگهيون اسان جا ٻچا بکن تي ويٺا آھن اسان بي يارو مدد گار کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون. هنن حڪومت توڙي ضلع انتظاميه کان گهر ڪئي آھي ته کين سهولتون مهيا ڪري پريشاني کا بچايو وڃي.










