تحرير اعجاز علي سوڍر
گڏجي رهڻ سان ڏکيا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن ۽ زندگي آسانيءَ سان گذرندي آهي. جيئن ٻي جيوت جو گڏجي رهڻ سندس زندگيءَ جو هڪ لازمي عنصر آهي ۽ مشڪل جو آسان بنجڻ ان ڪري ئي ممڪن آهي، بلڪل اهڙي طرح انسانن جو به پاڻ ۾ گڏجي رهڻ جيون لاءِ لازمي امر آهي. انسان گڏجي رهڻ تي مجبور به هو، ڇو ته اڪيلائپ سندس زندگيءَ لاءِ به هاڃيڪار ٿئي ٿي. ملي جلي رهڻ جي نتيجي ۾ هي معاشرا ۽ سماج جڙيا، ڳوٺ، واهڻ، وستيون ۽ شهر آباد ٿيا، صوبا بڻيا، ملڪ ٺهيا ۽ رياستون جُڙيون. انهيءَ گڏجي رهڻ سان وري ٻين مسئلن مُنهن ڪڍيو. سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا مزاج مختلف ٿيندا آهن، پسند ۽ ناپسند الڳ هجي ٿي، ذهنن ۽ سوچن ۾ به فرق ٿئي ٿو. ڪي ذهن اَمن پسند هوندا آهن ته ڪي ذهن شرارت چاهيندا آهن. سو انهن اختلافن جي ڪري سماج ۾ برائين جنم ورتو. انهن برائين جي سدِ باب ڪرڻ لاءِ مختلف ذهن ويهي پنهنجي سمجھ آهر پنهنجي سماج لاءِ ڪارگر اصول ۽ قانون جوڙيا. انهن اصولن ۽ قانونن کي پوري سماج تي مسلط ڪيو ويو. ڪي معاشرا ان انساني قانون جي تابع رهيا ته ڪي معاشرا الهامي مذهبن جي قانونن جا پيرو ٿيا. هر سماج ۾ ڪي اثر رسوخ رکڻ وارا هوندا آهن ته ڪي وري تابع رهي پنهنجو جيون گذر ڪندا رهندا آهن. هر ملڪ هر رياست جو قانون پنهنجي عوام جي ڀلائي چاهيندو آهي. ان قانون کي نافذ ڪرڻ ان رياست ان ملڪ جي حڪومت هلائڻ وارن جي فرض ۾ شامل هوندو آهي. اها ڳالھ الڳ آهي ته اڪثر اثر رسوخ رکڻ واري طبقي کي رعايت حد کان وڌيڪ مليل هوندي آهي ۽ غريب عوام لاءِ سختي هوندي آهي. ان ملڪ يا رياست جي اڳواڻ مشينري جو اهو فرض هوندو آهي ته پنهنجي حد ۾ اهڙا قانون نافذ ڪري جيڪي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪارائتا ثابت ٿين. اسان جي ملڪ پاڪستان جو شمار اهڙين رياستن ۾ ٿئي ٿو جتي قانون جا سرِ عام جنازا کڄندا رهندا آهن، غريب عوام مٿان ظلمن ۽ ستمن جا جبل ڪيرايا ويندا آهن، با اثر ماڻهو قانون جي شڪنجي کان پاڻ کي مٿاهون سمجھندا آهن، پر قانون صرف غريب عوام مٿان ئي لاڳو نظر ايندو آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته قانون غريب عوام لاءِ لاڳو هوندو آهي، بلڪه غريب تي لاڳو هجي ٿو.اڄ جڏهن پنهنجي ملڪ جي حڪومتي مشينري کي ڏسون ٿا ته اها ڳالھ روز روشن جيان بلڪل صاف نظر اچي ٿي ته اهي سڀ پنهنجي ڪرسي بچائڻ، ڪنهن کي ڪرسيءَ تان ڪيرائڻ ۽ پنهنجي لاءِ ڪا سڻڀي ڪرسي هٿ ڪرڻ جي جستجو ۾ محو نظر اچي ٿي. عوام ويچارو ته صرف وات پٽي حسرت ڀريل نظرن سان سندن طرف نهاريندي ئي نظر اچي ٿو ته مَن هنن جي هن ويڙهاند منجهان کين فرست ملي ۽ هو اسان جي طرف ڪا توجه ڏين ۽ اسان جا ڪي درد دور ڪن، پر شايد عوام جي اها حسرت صرف حسرت ئي رهجي ويندي. عوام کين وڏي واڪي پڪاري رهيو آهي مگر شايد هنن جا ڪَن هي آنهون ۽ فريادون ٻُڌڻ کان قاصر آهن يا شايد ٻُڌي کي اڻ ٻُڌو ڪرڻ جو هنر هُو خوب ڄاڻن ٿا. عوام نماڻن نيڻن سان قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي در تي فرياد ڪندو رهي ٿو مگر سندس فرياد رسي ڪرڻ وارو ڪير به نظرجي ڪونه ٿو. عوام جي اها ئي پڪار ۽ فرياد آهي ته ڪٿي آهي اهو قانون؟ اسان جي ٻچڙن جا پيٽ بکيا رهن ٿا، سندن انگ ڍڪڻ لاءِ پريشان آهيون. ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن اناج جي آڙيڪاپ واپارين کي عوام لاءِ مناسب قيمت تي کائڻ لاءِ اٽو ۽ چانور مهيا ڪرڻ جو پابند بڻائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن ڪپڙي جي واپارين کي قائل بڻائي ته مهانگائي جو بهانو ڪري غريبن کي لُٽڻ کان پاسو ڪن؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان کي سرڪاري اسپتالن ۾اسان جي ٻچن جي صحت لاءِ سهولتون ۽ دوائون ميسر ڪرائي ڏئي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان کي هنن عطائي ڊاڪٽر جي چنبن کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن ڊاڪٽرن جي لُبادي ۾ لڪيل ڪاسائين کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن دواساز ڪمپنين کي آئي ڏينهن دوائن جي قيمتن ۾ مَن چاهي مرضي مطابق اضافو ڪرڻ کان روڪي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو جيڪو قبضا خور گروپ کان غريبن جي ملڪيتن ۽ سرڪاري ملڪيتن کي محفوظ رکي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن دڪاندارن جي ڌاڙن کان اسان کي بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان کي هنن وياج خورن جي وحشت کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جي ٻچن جي مستقبل کي اونداهو ٿيڻ کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جي ٻچن جي تعليم بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جي زراعت جو مناسب ريٽ وٺي ڏئي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جي پيداوار فروٽ ۽ اناج صحيح قيمت تي مَنڊين ۾ فروخت ڪرائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جون اڳايل سبزيون ۽ فروٽ اسان کان سستي ريٽ ۾ وٺي مهانگي قيمت تي مارڪيٽن ۾ فروخت ڪرڻ وارن کي قابو ڪري؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن جعلي زرعي دوائن ٺاهڻ وارين ڪمپنين ۽ فروخت ڪندڙ دڪاندارن کي قابو ڪري، جيڪي اسان جي روٽي روزي جي اهم ذريعي کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ٿا ڇڏين ۽ اسان جي عوام کي زهريلو ڪيميڪل کائڻ تي مجبور ڪن ٿا؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن نوجوانن کي لغام ڏئي جيڪي رات جو موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي مين روڊن تي ويلنگ ڪرڻ لاءِ ٽولن جي صورت ۾ نڪري پون ٿا، پوءِ فل اسپيڊ ۾ اسڪوٽر هڪ ويل تي هلائڻ جا ڪرتب ڏيکاري سامهون ايندڙ جون وايون بتال ڪري ڇڏين ٿا، هو پنهنجو سِر بچائڻ لاءِ پريشان ٿي ويندو آهي. پنهنجو ته سِر نيندا پر ٻين جي جانين سان به کيڏن ٿا؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو سبزي، فروٽ، مڇي، مرغي، گوشت کپائيندڙن ۽ ڪريانه، جنرل ۽ ميڊيڪل اسٽور وارن دڪاندارن کي صحيح مقرر اگھ تي وڪڻڻ تي مجبور ڪري؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو هنن هوٽلن کي ٻُجو ڏئي جيڪي چانھ ۾ زهريلو ڪيميڪل وجهي عوام جي صحتن جو سودو ڪن ٿا، جيڪي بيمار ۽ مئل ڪڪڙن ۽ جانورن جو گوشت اڻ ڄاڻ عوام کي پئسن عيوض کارائن ٿا ؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو بسن، ڪوچن، ڪوسٽرن ۽ ويگنن وارن کي مَن ماني ڪرڻ، مَن پسند ڪرايا اوڳاڻڻ ۽ مسافرن سان بدتميزي ڪرڻ کان روڪي سگھي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو مظلوم جي فرياد رسي ڪري ميهڙ جي شاعر محبوب ڏيپر جي بقول ”انصاف جي نه ٿي هلي هاڻي، ڪير نه ڪُڇي مولى ڄاڻي، دانهين وڃي ڏس تون ٿاڻي، ٻاهر چور فريادي گھاڻي، اهڙي بازي بڻائي ڀائي ويا، سنڌ کي گدڙ کائي ويا.“ جو مصداق هر ٿاڻو بڻيل آهي، انهن کي ڪير قانون سيکاري؟ ڪير آهي جيڪو انصاف به پئسن تي وڪڻڻ وارن کي روڪي سگھي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو مظلومن جي آنهن ۽ دانهن جو دارو ڪري؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو مظلوم کي پئسن جي عيوض ئي سَهي پر انصاف وٺي ڏئي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو عوام کي سک جو ساھ کڻائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو ماروئڙن جا ويڙها ويران ٿيڻ کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو مظلوم نياڻين کي عصمت لُٽڻ وارن وحشي درندن کان بچائي؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جي ٻچن کي تحفظ فراهم ڪري؟ ڪٿي آهي اهو قانون جيڪو اسان جون، اسان جي ٻچن جون، اسان جي نياڻين جون، اسان جي بي روزگار جوان پٽن جون، اسان جي امڙين جون ۽ اسان جي ابن جون فريادون ٻُڌي، اسان جا ڏک اهنج دور ڪري؟ عوام جون اهي دانهون ۽ آنهون ٻُڌڻ وارو ڪير آهي؟ هتي نوڪري پئسن کانسواءِ ملڻ جو تصور به ختم ٿيندو پيو وڃي. هتي پئسي سان سڀ ڪجھ حاصل ڪرڻ جو رواج عام ٿي رهيو آهي، حقدار جو حق به پئسي کان سواءِ ملڻ ممڪن نظر ڪونه ٿو اچي. پئسي خاطر ايمان جا سودا ٿين ٿا، غيرتون سرِبازار نيلام ٿين ٿيون، نياڻيون روڊن تي نچن ٿيون، پئسن عيوض امڙين جون جهوليون خالي ڪيون وڃن ٿيون، قابل ۽ لائق تعليم يافته جوان به رشوت جهڙي ناسور سبب بي روزگار رهن ٿا، روز ڪو وياجي هٿان لُٽجي ٿو، وحشين هٿان روز ڪا مومنا ڪا نائلا بي آبرو ٿي قتل ٿي وڃي ٿي. اخبارون اهڙين خبرن سان روزانو ڀريل رهن ٿيون. روز ڪنهن نه ڪنهن جو ڪونڌر ڪسجي ٿو، ڪنهن جي نياڻي ڪُٺِي وڃي ٿي، روز ڪنهن نه ڪنهن جي نياڻي گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿئي ٿي، روز بي روزگاري، غربت ۽ بک سبب ماڻهو خود ڪشيون ڪن ٿا، روز امڙين جا لڙڪ وهن ٿا. قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي هٿ ٻَڌي اپيل ڪريان ٿو ته خدارا پنهنجي مظلوم ڀائرن جي، هن اٻوجھ عوام جي ۽ هن امڙين جي دردن جو ڪو دارو ڪرڻ جو سوچو. هي ئي توهان جو ڪُل سرمايو آهن، هنن جي آنهن ۽ دانهن جي بدلي سندن دعائون کَٽي وٺو. هنن جي دارو ڪرڻ ۾ ئي اصل ڪاميابي آهي. ڪجھ پنهنجي پاڪستاني عوام کي پاڪستاني هجڻ تي روئڻ بجاءِ فخر سان ڪنڌ کڻي اهو چوڻ جي لائق بڻايو ته اسان کي پنهنجي پاڪستاني هجڻ تي ناز آهي.










