ڪپتان ڇو ناڪام ٿيو؟

ڪپتان ڇو ناڪام ٿيو؟

طفيل مگسي
.1996ع ۾ قائم ٿيڻ واري تحريڪ انصاف بنا ڪنهن نظريي جي عمل سان وجود ۾ آئي ۽ تحريڪ نفاذ جي باني عمران کان برطانيا.امريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن (سرمائيداري) کام متاثر ٿيندي ڏيک ڏنائين.ڇاڪاڻ ته ان جي تعليم وتربيت ۽ زندگي جو ڳچ حصو انهيء نظام پاڇي ۾ پليو هو.ليڪن تحريڪ انصاف 2002ع واري اليڪشن ۾َحصو ورتو.پر بدقسمتي سان صرف هڪ قومي اسيمبلي ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ حاصل ڪري سگهيو.ملڪي حالتن کان تنگ عمران خان انهن کي بهتر بنائڻ جي عملي سياست ۾ وڌيڪ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي.هن کان اڳ هو پاڪستان جي لاء ورلڊ ڪپ ۽ عوامي تعاون سان هڪ فلاحي ادارو ٺاھي چڪو هو.جنهن جي بنياد تي هن اهوئي سمجهيو پيئي ته محنت وجدوجهد سان ڪجه به ڪري سگهجي ٿو. نوجوان عمران جي آواز تي هن سبب کان سندس جي پٺيان گڏ ٿيڻ لڳا ته جنهن خوبصورتي سان ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جون عمران خان مٺڙيون مٺڙيون ۽ جذباتي ڳالهيون ڪيون هيون.انهيء ريت ڪو ٻيو حڪمران نه ڪندو هو.۽ عمران خان سياست جي روايتي طريقي کان هٽي ڪري هئي ۽ شروعات کان ئي هو نهايت عوامي.غريبن جي حقن جي ڳالھ ڪندو هو.؛ پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راه تي وٺي وڃڻ جا خواب ڏيکاريندو هو.۽ مسئلن کي حل ڪرائڻ جو ڏيک.ڏيندو هو.ليڪن شايد عمران خان کي ملڪ جي 70 سالن کان مڙھيل جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي ٿوري به سمجه نه هئي.هن سمجهيو ٿي ته جيڪڏھن مان ڪپتان بڻجي وڃان ته سموري ٽيم منهنجي پٺيان هوندي. ۽ پوء جهڙي مان راند چاهيندس اهائي ٿيندي. ۽ پوء ڪرپشن .بي انصافي ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو.جنهن سان اسان برطانيه و يورپ جيان خوشحال بڻجي وينداسين.ڇوت اسان وٽ جهجها وسيلا آھن ۽ انهن وسيلن کي پنهنجي مرحلي سان استعمال ڪري ڪجه به ڪري سگهجي ٿو.معشيت ته ڏور.مگرعمران خان کي پاڪستاني سيادي نظام جي الف ب جي به خبر نه هئي.سياست ڪرڻ ڪوئي ٻلي واري راند ناهي .2010ع تائين هن وٽ عام نوجوان ۽ ڪجه پڙھيل لکيل ماڻھو هئا.جيڪي هن بنياد تي عمران سان گڏ ھئا ته خان صاحب پاڻ ايماندار ۽ محنتي ماڻھو آھي.ڇوت هن ورلڊ ڪپ ۽ شوڪت خانم ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي.جيڪڏھن سياست ۾ ايندو ته هتي به فتح ھن جو مقدر بڻجي ويندي.نوجوان ۽ پڙھيل لکيل طبقو عمران خان تي اعتماد ڪرڻ لڳو ۽ تحريڪ انصاف کي مضبوط ڪرڻ جي لاء ميدان ۾ لهي پيو.ليڪن جيئن ئي تحريڪ انصاف پنهنجن ٻن پيرن تي بيٺي ته پاڪستان جي سرمائيدارن.جاگيردارن .نسلي سياسي خاندانن جي ٽولي کي پنهنجو مستقبل روشن نظر آيو.هيڏانهن عمران خان نه باه ڏٺي نه پاڻي ڏٺو. ۽ تڙ تڪڙ ۾ ان کي ويلڪم چيو.تحريڪ انصاف جو پٽو ڳچي ء ۾ وڌائين.ڪرپشن.ڦرلٽ.چوري چڪاري ۽ اسڪينڊلز ۾ گهيريل سرمائيدارن وجاگيردارن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري ائين پاڪ وصاف ڪري ڇڏيو.ڄڻ تازو آب زم زم منجهان وهنجي نڪتا هئا.
هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ کي لڳو ته پراڻن قرباني جي ٻڪرن جو گهڻو گوشت کائي ڇڪا آھيون.جيڪي هينئر اسان جي اعتماد جا به ناهن رهيا ۽ اکيون پڻ ڏيکارين ٿا.بهتر آھي ته نئين قرباني جي ٻڪري کي پٽو وجهي ميدان ۾ لاٿو وڃي.ان ريت 2013ع جي اليڪشن ۾ سٺي اڪثريت سان هڪ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.جڏھن ته ٻين صوبن ۾ ٻي ٽي سيٽون حاصل ڪيون.ليڪن عمران خان پوء به آرام سان نه ويٺو.تحريڪن جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن سان نواز ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ جي لاء مڪمل جدوجهد ڪندو رهيو.ان عرصي ۾ سرمائيدار جهانگير ترين سان دوستي نهايت پاپولر ٿي .ڇوته پاڪستان جي سياست ۾ ڪاميابي جي لاء سياسي خاندانن ۽ آزاد اميدوارن جي سائنس کي جهانگير ترين چڱيء ريت سمجهيو ٿي.انهيء لاء 2018ع جي اليڪشن ۾ اڪثريتي سيٽون حاصل ڪرڻ جي باوجود حڪومت ٺاھڻ جي لاء سرمائيدار جو مرڪزي ڪردار نظر آيو.هاڻي جڏھن ڪنهن نه ڪنهن ريت حڪومت ٺاھي ورتائين ته خان صاحب کي سمجه ۾ آيو ته مون وٽ ته ٽيم.ئي ناهي بلڪ منهنجي اڳيان پٺيان اهوئي ٽولو گڏ ٿي ويو آھي.جنهن جي سبب کان ملڪ جون حالتون 70 سالن کان بدحال آھن.ان سان گڏ ئي نظام جي منجهيل ڏوريون به سمجه ۾ اچڻ لڳن ته ڪيئن آئي ايم.ايف .ورلڊ بينڪ ۽ ٻين بالادست ادارن ملڪي معشيت کي گهيري ۾ ڪري رکيو آھي.اسان ڪجه به ڪريون يعني ٽوڻا ڦيڻا ڪرايون يا دعائون وغيره گهرايون .ليڪن ملڪي معشيت کي هلائڻ جي لاء انهن ادارن جي اڳيان سجدو ڪرڻو ئي پوندو( نعوذ با الله) .هرهڪ ڳاله کان عمران کي يوٽرن وٺڻو پيو ته هن جيڪي ڳالهيون عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاء ڪيون هيون.حقيقت ۾ انهن کي عملي ويس پهرائڻ جي لاء خان صاحب وٽ پارٽي هئي نه ڪو باقاعده فڪر يا پلاننگ جنهن جي بنياد تي اهو ڪري سگهي ها يعني حڪومت ٺھڻ کان فورن بعد ئي انهن اميرن.سرمائيدارن.بيوروڪريٽس ۽ لفافا بند صحافي حضرات خان صاحب کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.ڇوت عمران خان وٽ پلاننگ يا پنهنجي تنظيم نه هئي.جيڪا معشيت.سياست ۽ صحافت جهڙن ادارن کي چڱي طريقي سان هلائي سگهي.ڇاڪاڻ ته هتي هر اداري ۾ ڳجهيون.واڳون ۽ موسي عليه سلام واري ازدها بلائون ويٺيون آھن .جيڪي هڪ سٽ ۾ ھزارين شيون ڳڙڪائي وڃن ٿيون) ۽ ائين ٽن مهينن ۾ انقلاب برپا ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ واري عمران خان ٽن سالن ۾ به ڪجه نه ڪري سگهيو.۽ ملڪي معشيت جو ٻيڙو ٻڏي ويو.مسئلن خاص ڪري مهانگائي وبيروزگاري ۾ بي انتها واڌارو ٿيو.ٻي پاسي عمران خان جنهن ملڪ جو دورو ڪندو رهيو.ان ملڪ جو نظام ۽ پلاننگ عمران کي متاثر ڪندي رهي.چين.ايران ۽ ترڪي جي دورن جو اظھار ڪيائين ته پاڪستان کي انهن جي طرزوارو نظام ترتيب ڏيڻ گهرجي .ڪافي موقعن تي خان صاحب هن ڳالھ جو اعتراف به ڪيو ته ملڪي راه جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ملڪي نظام آھي( جنهن کي خلائي مخلوق ۽ سندس ٽيم جي اشارن تي هلايو ويندو آھي) يعني ان نظام ۾ جهڙو به حڪمران چونڊجي ايندو اهو ان جي ئي ڪنٽرول ۾َ رهندو. ۽ پوء نه چاهيندي به ان کي به اهوئي سڀ ڪجه ڪرڻو پوي ٿو.جيڪي هن کان اڳ حڪمران ڪندا آيا آھن.تحريڪ عدم اعتماد ۽ وزارت اعظمي هٽائڻ تي عمران خان ۽ ان جي اتحادين هر اهو هٿڪنڊو استعمال ڪيو.جنهن سان سندس حڪومت بچي سگهي.ليڪن اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا.اهي جاگيردار ۽ سرمائيدار جيڪي ڪاله مرڪي ڪري پنهنجي ڳچيء ۾ تحريڪ انصاف جا پٽا وجهي رهيا هئا اهي هڪدم ڦري ويا ۽ هر قسم جي عهدن جي پيشڪش جي باوجود اپوزيشن سان ڳڍ ڳنڍجي ويا.ان سموري تاريخ.واقعن ۽ مامرن تي ويچار ڪيو وڃي ته ٻه ڳالهيون چٽيون ٿين ٿيون ته اصل مسئلو فرسوده انگريزن جو ڇڏيل نظام ئي آھي.جيڪو ملڪ عزيز کي هندستان کان الڳ ٿيڻ وقت تحفي طور تي مليو هو.ٻيو جيڪڏھن اوهان کي ان نظام کي بدلائڻو آھي ته ان جي متبادل ڪو نظام .فڪر يا ويزن آڻڻو پوندو.۽ پوء ان ويزن تي پنهنجي هڪ ئي “جماعت“ جوڙڻي پوندي.اهڙي جماعت جيڪا وطن عزيز سان گڏ سچي هجي.جيڪا نه وڪرو ٿيڻ واري هجي نه جهڪڻ واري هجي.جنهن کي رڳو اقتدار جي تما و لالچ نه هجي.بلڪ سندس نيت صرف ملڪي مفاد جي تحت هجي.اها جماعت پنهنجي ويزن تي تربيت يافته هجي ته جيئن هن کي ڪو بليڪ ميل نه ڪري سگهي.هن جو سياسي شعور ايتور بلند هجي ته نه صرف قومي بلڪ بين الاقوامي چالبازين ۽ ملڪ دشمن سازشن کي به احسن طريقي سان سمجهندي هجي. ۽ ان جو مقابلو رکڻ جي صلاحيت رکندي هجي.تڏھن ئي وڃي ڪري ملڪ ترقي جي رستي تي راهي ٿي سگهي ٿو.نه ته 75 سالن واري تاريخ سهوئي ٻڌائي ٿي ته چهرا بدلائي بدلائي ڪري جيڪو اهو ناٽڪ و سرڪش جاري آھي ان جو مقصد محض عوام کي چوتيو يا چريو بڻائي ڪري استعمال ڪرڻ آھي.۽ وڌيڪ جھالت ۾ رکڻو آھي.تحريڪ انصاف سان گڏ لاڳاپيل اهي سمورا فرد جيڪي حقيقي تبديلي چاهين ٿا .سي شخصيت پرستي جي جادو کان نڪري ڪري نظام جي تبديلي جي سائنس کي سمجهن.ڇاڪاڻ ته موجوده دور هيرو ازم جو ناهي.بلڪ مظبوط ۽ ٺوس ادارن ۽ نظامن جو آھي.سماجي تبديلي جي حقيقي فارمولي کي جيترو تڪڙو سمجهي ويندا .اوترو ستت ئي بهتر منزل ڏانهن راهي ٿي سگهن ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو