ڪپتان جي دشمني ۾ سنڌ غيرن حوالي ؟

ڪپتان جي دشمني ۾ سنڌ غيرن حوالي ؟

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه

پاڪستان جو واحد صوبو سنڌ آهي جنهن هڪ ئي سياسي پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي جنهن جي سزا به سنڌ جي عوام کي وڏي ملي آهي ، سنڌ ۾ نه تعليم صحت جون سهولتون آهن نه عوام سکيو آهي ، جڏهن ته ترقياتي لم نه نه ٿيا ، اهري صورت هال م سنڌ جو عوام وڏي ازيت مان گذري رهيو آهي ، هاڻ به ڪپتان جي دشمني ۾  وري به پ پ پ سدائين جيان سنڌ جي ويلن جو سودو ڪيو آهي ، ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي برحال سنڌين سان جيڪا هاڻ ٿيندي اها به ڏسنداسين ڪپتان جي دشمني ۾ سنڌ بگهڙن جي حوالي ڪئي وئي آهي ،   حڪومتي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم پاڪستان به وزيراعظم جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ بي اعتمادي تي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ اپوزيشن اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس گذرڻو آهي، اسان گڏيل اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جو گڏيل اپوزيشن سان معاهدو بي اعتمادي ۾ سهڪار سان مشروط نه هو،  اعلان ڪري رهيو آهيان ته ان تبديلي ۾ اسان اپوزيشن سان گڏ آهيون. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته وزيراعظم ڀلي سليڪٽڊ ڇو نه هجي عددي قوت وڃائي چڪو آهي، هاڻي هو استعيفيٰ ڏئي، وزيراعظم اڄ پنهنجي استعيفيٰ ڏئي روايت قائم ڪري. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم جو فيصلو تاريخي آهي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي هر حال ۾ ۽ هر صورت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. عمران خان جي اڪثريت هاڻ ناهي رهي، استعيفيٰ کانسواءِ کيس ٻيو ڪو رستو ناهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، ساڍا ٽي چار سال اڳ ان ڊرامي جي شروعات ٿي هئي ۽ اڄ ڊراپ سين ٿيو آهي، توهان ۾ ٿورو به اخلاق آهي ته اڄ استعيفيٰ ڏيو. هن چيو ته اڄ اسان جو انگ 175 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪاميابي لاءِ اسان کي 172 ماڻهو گهرجن. بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو ته انهن جي پنهنجي بيٽ انهن جي وڪيٽ کي لڳي چڪي آهي، خان صاحب توهان کي ڪرڪيٽ جو تجربو وڌيڪ هوندو اسان کي سياست جو تجربو آهي، توهان کي درخواست آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو، آهيو. سندس چوڻ هو ته ڪير ڪنهن جو ايجنٽ آهي ۽ سازشون پيون ٿين، هاڻي اهي ڳالهيون نه هلنديون، اسان کي نئون نه پراڻو پاڪستان گهرجي، اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا، جتي اسان جا ٻار گم نه ٿين  پاڪستان جي تاريخ گواهه آهي ته جيئن سدائين سنڌ جو عوام وارثن هوندي بي وارث رهيو آهي اهو ڪنهن کان به لڪيل ناهي ، پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان تبديلي ٿيندي رهي آهي جيڪا مختلف وقتن تي ڏسندا رهيا آهيون پر سنڌ واحد صوبو آهي جتي سدائين سنڌي قوم قائد عوام  شهيد جناب ذوالفقار علي ڀٽي ، محترمه سهيد راڻي سميت مرتضا ڀٽو سميت ٻين جي ڏنل قربانين کي ذهنن ۾ رکندي سدائين  سڀنن سياستدانن ڀوتارن جاگيردارن کي نظر انداز ڪري ووٽ صرف پ پ پ کي ڏنو آهي پر بدقسمتي سان جهڙي ريت جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ پ پ پ قيادت سنڌ جي عوام سان ظلم ڪيو جهڙي ريت سنڌ جي اٿاثن ڌاريا ڪاري غير سنڌين جي حمايت ڪئي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي هاڻ به ائين ٿيو آهي ڪپتان سان ذاتي دشمني جي قربانين وري به سنڌ صوبئي کي ڏي؟ي پئي ، ڪپتان کي جهڪائڻ لاء سنڌ صوبو غير سنڌين سنڌين جي قاتلن حوالي ڪري به سنڌين جي پٺي ۾ خنجر هنيو آهي اهڙن خيال جو اظهار سنڌ جي باشعور عوام ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته ڪپتان سان سياسي جنگ ورهڻ جي قيمت سنڌ کي ادا ڪرڻي پئي ، ڪپتان کي جهڪائڻ لاء سنڌ غيرن حوالي ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي ، سنڌ تي هاڻ سنڌين جو حق گهٽ رهندو ،  پ پ پ سنڌ دشمن  حق پرست پارٽي سان معاهدوڪري سنڌين کي ڪند خنجرن سان وار ڪري ماري ڇڏيو آهي اهڙي معاهدي جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا سنڌ جي عوام کي پ پ پ هاڻ مايوس ڪري ڇڏيو آهي   سنڌي هاڻ اقليت طور سڄاتا ويندا اهم وزارتون ڪوتا سسٽم  سميت ڪيترائي معاهده سنڌي قوم جي خلاف آهن سنڌين جي حقن تي ڌاڙن جي برابر آهي  جنهن جي مذمت ڪيون ٿا    وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  مون کي مشاورت ۾ نه رکيو ويو پر پئسن جون ٻه ٽي ٽرڪون وزيراعظم مون کي به ڏئي ڇڏي ها ته ڳالهه هيستائين نه پهچي ها. اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته اهي ضمير کپائيندڙ آهن، انهن صدام حسين ۽ اساما بن لادن جو مال کاڌو، مال اپوزيشن جي ڪمزوري آهي پر ضمير کپائيندڙ ناڪام ٿيندا. هن چيو ته ضمير کپائيندڙن جي سوچ ڀلي ڇا به هجي پر عوام جي سوچ ۽ ووٽ عمران خان سان گڏ آهي، مان عمران خان سان گڏ جبل جيان بيٺو آهيان، مان پي ٽي آءِ سان نه عمران خان سان گڏ آهيان. سندس چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان جي مقبوليت وڌندي ۽ اهي سڀ هلي توهان وٽ واپس ايندا، انهن کي لت هڻي ڇڏجو پر عمران خان سڀني کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي. شيخ رشيد چيو ته اهي گيٽ نمبر 4 جي ايڇ ڪيو جي پيداوار آهن. گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، هو آخري بال تائين وڙهندو، ڪابينه وزيراعظم تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم خط جو متن ڪابينه آڏو رکيو آهي جنهن تي تفصيلي گفتگو ٿي، هي ڊان ليگس ۽ ميموگيٽس واري اپوزيشن آهي، پرڏيهي سيڙپ واري اپوزيشن کي قوم معاف نه ڪندي. هن چيو ته اربع تي ئي وزيراعظم قوم کي خطاب ڪندو، پرڏيهي سيڙپ لاءِ ڪم ڪندڙ اپوزيشن کي قوم معاف نه ڪندي. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته قومي اسيمبليءَ جو ان ڪئميرا اجلاس منعقد ڪيو وڃي ۽ ممڪن آهي ته وزيراعظم عمران خان يا پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مان ڪو هڪ خطاب ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان استعيفيٰ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هو آخري بال تائين وڙهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي اتحادي حڪومت کي ڇڏي ويا آهن انهن تي به هڪ ٻن بعد تبصرو ڪندس، هن وقت جمهوريت کي ڪيرائڻ لاء دولت جا در کولي  حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙن کي خريد ڪري ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪندا ، اهو ئي سبب آهي ته ڪپتان جي دشمني سنڌ کي غيرن جي حوالي ڪئي آهي جنهن تي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.       zawarshah110@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو