اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايس پي آراربع تي ٻڌايو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ انٽيليجنس بنياد تي ڪيل آپريشنز دوران مجموعي طور 32 دهشتگرد مارجي ويا آهن. جن مان 24 ڪي پي ڪي جي خيبر ضلعي ۽8 بلوچستان جي نوشڪي ضلعي ۾ ماريا ويا.
اهي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن علائقي ۾ ٿيل دهشتگرد حملن کانپوءِ شروع ڪيا ويا. ان کان اڳ، دهشتگردن پاران منگي ڊيم پوليس اسٽيشن تي حملي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز آپريشن شُعبان شروع ڪيو هو. ٻئي طرف مستونگ ۾ قومي شاهراهه تي اڻڄاتل هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ ضلعي ۽ سيشن جج ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ٻيو هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب، اهي ڪارروايون “ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف جاري آپريشنن” جي تسلسل ۾ ڪيون ويون، جيڪي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وسيع مهم جو حصو آهن.
رياست “فتنه الهندستان” جو اصطلاح پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي (BLA) ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگرد گروپن لاءِ استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته “فتنه الخوارج” رياست طرفان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ گڏيل آپريشن جاري آهن، ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز 32 دهشتگردن کي ڪاميابي سان ماريو آهي.
فوج موجب، 28 ۽ 29 جولاءِ جي وچ واري رات خيبر ضلعي ۾ ڪيترائي انٽيليجنس بنياد تي علائقائي صفائي ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيا ويا، جتي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مختلف ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 24 دهشتگرد ماريا.
ساڳئي وقت بلوچستان جي نوشڪي ضلعي ۾ به ڪيترائي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، جتي شديد مقابلي کانپوءِ فتنه الهندستان سان لاڳاپيل 8 دهشتگرد ماريا ويا.
فوج موجب، آپريشن دوران دهشتگردن وٽان هٿيار، بارود ۽ ديسي ساخت جا ڌماڪيدار اوزار (IEDs) پڻ هٿ ڪري تباهه ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي ڳولا ۽ خاتمي لاءِ صفائي وارو آپريشن جاري آهي. بيان موجب، قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل “عزمِ استحڪام” مهم جي تحت دهشتگردي خلاف آپريشن پوري رفتار سان جاري رهندا، جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.
صدر آصف علي زرداري ڪامياب آپريشنن تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن پيشاورانه صلاحيتن کي ساراهيو.
صدر چيو ته پاڪستان “ڀارت جي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ منصوبن کي هر قيمت تي ناڪام بڻائيندو” ۽ قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف پڻ ڪامياب آپريشنن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو.
وزيراعظم چيو، “اسان دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين، جيستائين ملڪ مان هن لعنت جو مڪمل خاتمو نه ٿئي.”










