ڪي پي مان 36 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري

ڪي پي مان 36 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي 36 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.اين اي 41 لڪي مروت مان شير افضل مروت ۽ اين اي 35 ڪوهاٽ مان شهريار آفريدي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو،اليڪشن ڪميشن اين اي 37 ڪرم تان ايم ڪيو ايم جي حميد حسين جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.اين اي 30 پشاور مان شندنا گلزار، اين اي 31 پشاور مان شير علي ارباب جو نوٽيفڪيشن جاري،اليڪشن ڪميشن اين اي 19 صوابي مان اسد قيصر ۽ اين اي 20 صوابي مان شهرام خان ترڪئي جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو