ڪي پي حڪومت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 282 ارب رپين جي قرضي

ڪي پي حڪومت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 282 ارب رپين جي قرضي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا 282 ارب رپين کان وڌيڪ جي قرضي آهي. دستاويزن موجب صوبائي حڪومت ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 282 ارب 282 ملين رپيا قرض حاصل ڪيو، جنهن ۾ بي آر ٽي سميت 10 منصوبن لاءِ 138 ارب 388 ملين رپيا قرض ورتو ويو، جڏهن ته توانائي منصوبن لاءِ 53 ارب رپيا ورتا ويا. 29 ڪروڙ 80 لک رپيا قرض ورتو ويو.دستاويز موجب آبپاشي منصوبن لاءِ 21 ارب 67 ڪروڙ 70 لک رپيا قرض ورتو ويو، علائقائي ترقياتي منصوبن لاءِ 14 ارب 23 ڪروڙ 50 لک رپيا قرض ورتو ويو.خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا 309 ارب رپيا قرض آهن، اهي قرض 31 ڊسمبر 2023ع تائين آهن، انهن قرضن جو مقصد فنانسنگ آهي. اهم منصوبا، 20 کان 25 تائين جا قرض ڊگهي مدي وارا ۽ رعايتي آهن، اهي قرض صوبائي حڪومت کي ايندڙ 5 سالن ۾ ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو