پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي.صحت کاتي موجب مردان، نوشهره، چارسده، هري پور ۽ خيبرپختونخواهه ڊينگي ۾ متاثر ٿيا آهن.ڊينگي جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي پشاور ۾ بخار جي دوائن جي قيمتن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.پشاور ۾ بخار جي دوا جو اگهه 17 رپين مان وڌي 30 رپيا ٿي ويو آهي.ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته ڪجهه ميڊيڪل اسٽورن تي بخار ۽ سر درد جون دوائون دستياب ناهن.ٻئي طرف ميڊيڪل اسٽور مالڪن جو چوڻ آهي ته بخار جي دوائن جو پراڻو اسٽاڪ آهي، نئون اسٽاڪ نه پيو اچي، دوائون مارڪيٽ ۾ نه اچي رهيون آهن.دڪان مالڪن جو اهو به چوڻ آهي ته ڊينگي خلاف دوائن جا اگهه به وڌي ويا آهن، دوائون ڪاري رنگ ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.










