ڪي فور منصوبو مقرره وقت تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

ڪي فور منصوبو مقرره وقت تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) سان گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي فور) پروجيڪٽ آفيس ۾ ملاقات ڪري رٿا بابت بريف ڪيو. ٻنهي سينئر آفيسرن منصوبي جي پهرئين مرحلي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ (ڪي فو) منصوبي کي جلد از جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد (ڪي فور) پراجيڪٽ انتظاميا پاران منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) کي مڪمل يقين ڏياريو ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي وڌيڪ بهتر فراهمي لاءِ (ڪي فور) سميت ٻين جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن چيو ته (ڪي فور) منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ واپڊا سان مڪمل تعاون ۽ سهڪار ڪيو ويندو، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو اميد آھي ته چيئرمين واپڊ ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (ريٽائرڊ) جي اڳواڻي ۾ واپڊا (ڪي فور) منصوبي کي پنھنجي صلاحيتن ۽ مھارت سان مقررہ وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو، اجلاس دوران چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪري (ڪي فور) منصوبي کي جلد از جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته (ڪي فور) منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آھي، انڪري ان جي تڪميل لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، انشاءَ الله (ڪي فور) منصوبو پنهنجي مقررہ وقت تي مڪمل ٿيندو، هن سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته واٽر بورڊ انتظاميا شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي اھي قابل تعريف آهن، واضح رهي ته (ڪي فور) منصوبو ڪينجهر ڍنڍ درياه سنڌ مان ڪراچي کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.جڏھن ته (ڪي فور) منصوبي جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، وفاقي حڪومت پاران ھن منصوبي جي پهرين مرحلي کي تعمير ڪرڻ جي ذميواري واپڊا کي ڏني وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو