ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ 2 روپيا 90 پيسا بجلي مهانگي

ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ 2 روپيا 90 پيسا بجلي مهانگي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ جنوري جي فيول ڪاسٽ ۾ 2 رپيا 90 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان پاران بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا گهٽتائي جي اعلان کان پوءِ انتظاميا ان تي عمل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ جي اگهن ۾ 3 روپيا 40 پيسا في يونٽ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ڏنو. ٻڌڻي دوران هن چيو ته وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ رليف جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته ان تي ڪيئن عمل ٿيندو. توصيف ايڇ فاروقي چيو ته نيپرا معاملي کي ڏسي رهيو آهي ۽ جلد توانائي واري وزير ۽ سيڪريٽري توانائي سان ملاقات ڪري رليف فراهم ڪرڻ جا طريقا واضح ڪندو. هن چيو ته اها ڳالهه غور طلب آهي ته جڏهن فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) 5 رپين کان گهٽ هئي ته صارفين کي به ان جو رليف ملندو ۽ اهو ئي سبب آهي ته اسين گهربل ريت بدران 2 روپيا 90 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو