ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل 15 ورهين جي نينگر جي والد پاران داخل ڪيل درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي بجلي جي ڪرنٽ سبب فوت ٿيل 15 ورهين جي نينگر محمد ڪيف جي والد عبدالوحيد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت نبي بخش ٿاڻي جي ايس ايڇ اوکي حڪم ڏنو ته درخواستگذار جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ جو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، ظاهري طور تي ته واقعو اتفاقي لڳي ٿو پر پوليس درخواستگذار جو بيان رڪارڊ ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪري. درخواستگذار عبدالوحيد داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 10 آگسٽ 2019ع تي ڪرنٽ لڳڻ سبب سندس 15 ورهين جو پٽ فوت ٿي ويو هو جڏهن ته استغاثه جو چوڻ آهي ته محمد ڪيف کي ڪرنٽ لڳڻ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو ڪوبه ڪردار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو