ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي.ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جون جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 11 رپيا 39 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 28 جولاءِ تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو