راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڪيپٽن محمد سرور شهيد نشان حيدر جي 76 هين ورسي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي جرئت ۽ ثابت قدمي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو. آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن سرور شهيد (نشان حيدر) جي 76 هين شهادت جي موقعي تي سندس اباڻي ڳوٺ نگوري ۾ سندس يادگار تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر 2 پنجاب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد فياض خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. منير شهيد جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيد جي درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي مزار تي اٺين بلوچ ريجمينٽ جي چاقو بردار دستا سلامي ڏني.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين نشان حيدر ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي سندس 76 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948ع جي جنگ ۾ جرئت ۽ بهادري سان شهيد ٿي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان وفاداري جو لازوال مثال قائم ڪيو.وزيراعظم چيو آهي ته ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي شهادت جو ڏهاڙو پوري قوم کي شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو.هن چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪ جي دفاع لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن تي فخر آهي. ملڪ جي دفاع لاءِ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ قوم پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺي آهي.










