ڪيٽي بندر ۽ لاڙ جا ڏتڙيل ماڻهو !

ڪيٽي بندر ۽ لاڙ جا ڏتڙيل ماڻهو !

غلام حسين لغاري
سنڌ جي وڏي وزير جناب سيد مراد علي شاهه جو ٽيون ڏينهن هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي ڪيٽي بندر واري علائقي جي ترقي ۽ بندر گاه کي فعال بنائڻ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن لاء حڪومت سنڌ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اها رٿا مڪمل ڪندي۔وڏي وزير جو اهو بيان سنڌ ۽ علائقي واسين لاء انتهائي اهم آهي جو ماضي ۾ ڪيٽي بندر وسيلي ملڪ جي اترين علائقن سميت پرڏيهه سان واپار ٿيندو هو۔ڪيٽي بندر سنڌ جي خوشحال بندرگاهن مان هڪ هو جيڪو هن وقت صرف ماهيگيري تائين محدود آهي۔سنڌ جي وڏي وزير جو ڪيٽي بندر بابت هي ڪو پهريون بيان ناهي ڪجهه سال اڳ سنڌ ڪابينه به ڪيٽي بندر جي تاريخ جو اعتراف ڪندي هن بندرگاهه کي ٻيهر فعال بنائڻ جي منظوري ڏني هئي۔ گهگهر ڦاٽڪ کان گهارو ۽ گهارو کان ميرپورساڪرو ۽ ميرپور ساڪرو کان ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪراچي کان نوري آباد تائين وارا علائقا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي بلڪل ويجها آهن جيڪي ايئن چئجن ته زرعي توڙي صنعتي حب کان گهٽ ناهن جن تي تيزي سان والار ٿي رهي آهي بلڪه ٿي به چڪي آهي۔جڏهن ته موٽر وي تي ڪاٺوڙ نوري آباد ۽ باران پل تائين وارين زمينن تي اڳ ۾ والار ٿيل آهي جتان جي زرخيز باراني زمينن تي جيڪي به نجي فارم هوندا هئا سي اجڙي ختم ٿي چڪا آهن انهن زمينن تي پلاٽنگ ۽ مختلف قسمن جا وفاق جي زيراهتمام هلندڙ نجي ادارا قائم ٿي چڪا آهن يا تڪميل جي ويجهو آهن جن ۾ ونڊ پاور ۽ حساس ادارن جون رٿائون به شامل آهن۔سرڪاري ۽ نجي سطح جون ڪالونيون ٺهن پيون جن مان بحريه ٽائون ڊي ايڇ اي ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون چوڻ جو مطلب ته ڪراچي ذري گهٽ نوري آباد ۽ گهاري تائين وڌي چڪي آهي جنهن ۾ ننڍيون وڏيون صنعتون به شامل آهن۔سولر تي هلندڙ بجلي گهر وفاق ۽ نجي ادارن حوالي آهن۔ نوري آباد صنعتي زون به پنهنجو نه پر ڌارين جي ملڪيت آهي جتي مقامي ماڻهن کي نالي ماتر جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي روزگار حاصل آهي۔ سنڌ جي اسيمبلي به بيوس بڻيل آهي جو اها مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاء متحرڪ ٿئي جنهن سان مقامي ماڻهن مان بيروزگاري ختم ٿئي۔
گذريل اڌ صدي کان گهارو ميرپور ساڪرو ۽ ڪيٽي بندر تائين به زمينن تي ولار جاري آهي جيڪي اتان جي مقامي ماڻهن پورهيتن جي ابن ڏاڏن جون اوئلي ملڪيتون آهن يا وري خود سنڌ سرڪار جون پنهنجيون آهن جن جي ڀڳڙن جي مٺ تي خريد و فروخت تيزي سان جاري آهي يا اهي اڳواٽ ۾ ڪراچي جي صنعتڪارن يا ڪاروباري ماڻهن خريد ڪري ڇڏيون آهن جڪي مستقبل ۾ زرعي توڙي صنعتي حب ۾ تبديل ٿي وينديون۔
ڪيٽي بندر ۽ انجي ڀرپاسي کي ترقي وٺرائڻ هڪ بهتر ڳالهه آهي علائقي کي ترقي ملندي خوشحالي ايندي پر اها ڪهڙي ڪم جي جتان جي مقامي ماڻهن ساحلي علائقن جي پورهيت هارين ۽ مڇي ماريندڙن کي ڪهڙو فائدو پوندو جن جا نسل هزارن سالن کان مسڪيني واري حالت مان ٻاهر نڪري ناهن سگهيا ڇا انهن کي ڪنهن قسم جي گارنٽي ملندي ته ڪيٽي بندر رٿا مقامي ماڻهن جي بقا جو سبب بڻبي۔هن وقت به اتي نجي فارم هائوس جيڪي گهڻو ڪري برسراقتدار ڌرين ۽ راشي ڪامورن جون ملڪيتون آهن جڏهن ته مختلف قسمن جون مني صنعتون قائم ٿي چڪيون آهن جن ۾ ميرپور ساڪرو روڊ تي چيني ۽ ملائيشيائي ڪمپنيون اچي ويون آهن. مختلف قسمن جا ٻيا ڪارخانا به لڳي رهيا آهن جن ۾ به مقامي ماڻهن کي ڪو لاڀ ملي ناهي سگهيو۔ جڏهن کان سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر کي ٻيهر فعال بنائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي تڏهن کان ته زمينن جي والار جو رجحان اڃا به وڌيو آهي گهڻو ڪري ڪراچي جو سرمايدار طبقو سنڌ جي هن قيمتي حصي تي بري اک رکيو ويٺو آهي جن کي به پنهنجا مفاد آهن جنهن لاء روينيو کاتو انهن جو سهولتڪار بڻيل آهي۔ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو سنڌ حڪومت پاڻ هن علائقي ۾ ساحلي صنعتي زون جي قيام لاء وک وڌائي ها جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ مقامي بيروزگار نوجوانن کي ته روزگار ملي سگهي ها پر سنڌ حڪومت به ٻاهرين سرمايدارن جو حوصلو وڌائي رهي آهي وفاق جي به هن علائقي ٿي اک آهي اهوئي سبب آهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ٽوڙڻ ۽ الڳ صوبو بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي۔
هونئن به سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ بندرگاهن مٿان وفاقي طاقتور ڌرين جي نيت گهڻي وقت کان خراب آهي۔خدا نه ڪري جيڪڏهن 28 هين ترميم اچي ٿي سنڌ مخالف ڪو بل پاس ٿئي ٿو ته سنڌ جو ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽي سنڌ کان کسجي ويندي جيڪا ڪئي صديون شايد واپس ٿي نه سگهي۔اتان جو مقامي ڪنهن به قسم جي مزاحمت ڪرڻ جي جرئت نٿو رکي سگهي جو اتان جو بيوس مظلوم سردارن وڏيرن ۽ ڪامورن جي زيادتين ۽ طاقت کان خوفزده آهي۔
ڪوهستان جي جابلو پٽي ۾ سون اپائيندڙ زمينون آهن جيڪي برساتن تي آباد ٿين ٿيون قيمتي نسل جا پکي جانور جابلو ٻوٽيون هجڻ سان گڏ جتي زير زمين پاڻي موجود آهي اتي ٽيوب ويلن تي به زرعي آبادي ٿئي۔حيدرآباد کان ڪراچي تائين روڊ جي ٻنهي طرفن کان ساوڪ ۽ فصل بيٺل نظر ايندا هئا اهي هاڻ باقي ناهن رهيا جتي فصلن جي جاء تي رهائشي ۽ صنعتي منصوبا نظر ايندا۔اهڙي طرح ڪيٽي بندر ميرپورساڪرو گهارو جي پسگردائي ۾ به مختلف قسمن جا فصل مڇي ۽ جهينگن جي پالنا جا فارم هوندا هئا اهي به سرمايدارن جي ور چڙهي سرمايدارن جي فارم هائوسز ۽ واٽر پارڪس ۾ تبديل ٿي چڪا آهن جتي عياشي ۽ نسلن جي تباهي کانسواء ٻيو ڪجهه به ناهي۔اتان جو پورهيت ۽ ماهيگير هن وقت به بک بيروزگاري جي سسڪين ۾ آهي۔هنن فارم هائوسز ۽ واٽر پارڪس جا مالڪ اسيمبلين ۾ ويٺل يا وري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن يا رٽائر ٿي چڪا آهن۔
گهارو جو اوائلي ذڪر ڪجي ته گهارو ڪراچي کي ويجهو هجڻ ڪري اتي قيام پاڪستان کان اڳ ۽ پوء به صنعتي زون هوندا هئا جن ۾ مختلف قسمن جا ڪارخانا هوندا هئا جن ۾ سڻي ۽ چانورن جا ڪارخانا شامل هئا۔اڳتي هلي سيمينٽ جو ڪارخانو ڪمند جو ڪارخانو به قائم ٿيو جيڪي هن وقت به موجود آهن جڏهن ته سڻي وارو ڪارخانو پنهنجو وجود وڃائي چڪو آهي۔جڏهن کان ٺٽو ڪراچي روڊ ڊبل ٿيو آهي تڏهن کان گهارو ۽ انجي پسگردائي جي اهميت وڌي چڪي آهي رهائشي سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن جتي ملڪ جي مختلف حصن جا ماڻهو انهي ڪري به رهائش پذير ٿي رهيا آهن جو ڪراچي ويجهو اٿن۔سمنڊ جو پاڻي گهارو شهر جي ڪنڌي تائين پهچي ٿو جنهنڪري علائقي جي زمينن جو کارپد وڌيل رهي ٿو آبهوا گهميل ۽ ٻوسٽ واري هوندي آهي۔ڪجهه حلقا گهاري کي ضلعي جو درجو ڏياري ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ آهن ممڪن آهي اڳتي هلي ايئن به ٿي وڃي جو ٺٽي جي سياسي قيادت به خاموش طبعيت جي مالڪ ۽ اقتداري حوس جو شڪار آهي۔
ٺٽي ضلعي ۾ تعليم گهٽ هجڻ ڪري هن ضلعي ۾ اڪثر ٻاهرين ضلعن جو ڪامورو ۽ ملازم هتي تعينات ٿيندي نظر ايندو جنهنڪري مقامي آبادي ۾ مايوسي رهندي آئي آهي۔هن ضلعي ۾ غربت ۽ رشوت وڌيڪ آهي جنهنڪري هتان جو زمينون به بااختيار ڪامورن جي ور چڙهيل آهن۔منهنجي خيال ۾ ته ملڪ رياض کان به وڌيڪ خطرناڪ لئنڊ گريبرن جو ٺٽي ضلعي جي هنن علائقن تي مضبوط قبضو آهي جن کي وائکو ڪرڻ گهرجي۔هڪ ڪميشن جوڙي ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن جي جابلو پٽي ۽ ساحلي پٽي جي زمينن تي ٿيل قبضن ۽ الاٽمينٽ جي جاچ ڪرائي اهي زمينون مقامي بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن۔جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ وڏو وزير ڪيٽي بندر کي فعال بنائڻ جو عزم رکن ٿا ته ان لاء پهريان ٿيل ناجائز قبضن کي ڇڏائڻ لاء اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ گهرجي۔سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٿيندڙ سازشن جي رستا روڪ ڪرڻ گهرجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو