ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ)ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ ڀارت ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو.ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي نيوزيلينڊ 285 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ ٻي اننگز 28 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ڪيوي بيٽسمين ڊيرل مچل اڳوڻي ڪپتان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ٻنهي اسڪور کي 90 کان 232 تائين پهچايو. ان موقعي تي اسيٿا فرنينڊو ڊيرل مچل جي وڪيٽ ڪري ويو، هو 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، پوءِ بلينڊل ۽ بريس ويل به آئوٽ ٿي ويا، وليمسن ٻئي سر کان سينچري مڪمل ڪئي.ڪپتان ٽم سائوٿ هڪ وڌيڪ ۽ ميٽ هينري به 4 رنسون ٺاهي واپس موٽيو پر وليمسن هدف کي ميچ جي آخري بال تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح نيوزيلينڊ ٽيسٽ ٻن وڪيٽن تان کٽي ورتي، وليمسن 121 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ جي فتح کانپوءِ ڀارت آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو. آسٽريليا پهريان ئي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو هو.آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن.ڀارت آسٽريليا خلاف 4 ميچن جي سيريز 2-1 تان کٽي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي، پر ساڳئي وقت آخري ٽيسٽ ميچ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ سريلنڪا کي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو مليو.سريلنڪا کي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ نيوزيلينڊ خلاف تازي 2 ميچن جي سيريز 2-0 تان کٽڻ جي ضرورت هئي.جڏهن ته ڪيويز هٿان شڪست کانپوءِ سريلنڪا جو ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو خواب ٻڏي ويو ۽ اهڙي طرح ڀارت مسلسل ٻيو ڀيرو ان ايونٽ جي فائنل ۾ پهتو.










