سلطانپور(رپورٽ قربان علي مهر ) گذريل رات ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح محمد آرائين مان نامعلوم چور ٽرانسفارمر جو قيمتي سامان ڪڍي ٽرانسفارمر زمين تي اڇلائي ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ياد رهي ته گذريل هڪ هفتي اندر ڏوهن مٿان ڏوھ پيا ٿين ۽ ڪينٽ پوليس تماشو ئي ڏسندي رهي آهي هڪ هفتي اندر ڳوٺ اڌ لکي مان سماجي ورڪر زميندار محمد حاجن مهر جي زمين تان پاڻي وارو پکو چوري ڪري ديده دليري سان فرار ٿي ويا هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم چور پورهيت رحيم بخش ڪٽو جي گهران سولر پليٽ چوري ڪري ويا ۽ ان سان گڏوگڏ ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل ۽ ٻين ڦرن چورن جون ٻه وارڌاتون ٿينديون رهيون آهن، مطلب ته ڏوهن کان رات ۽ ڏينهن خالي نه هئڻ ۽ بدامني جي صورتحال تي ڪينٽ پوليس جي مسلسل ناڪامي تي عوام ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو جڏهن ته ڏوهن کان رات ۽ ڦرن کان ڏينهن خالي ناهي، پوليس جي روايتي سستي سبب چوريون عام جام ٿيڻ لڳيون علائقي جو امن تباھ ٿي ويو آهي ۽ عوام راتين جون راتيون جاڳڻ تي مجبور ،شهرين علائقي واسين آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ، ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري جيئن سلطانپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي










