ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪيماري ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي سنڌ ڪيمسٽري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون جنهن دوران 30 شڪي ماڻهن کي ”تلاش ايپ“ ذريعي چيڪ ڪيو ويو.ڪارروائي دوران غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان تعلق رکندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو.سي ٽي ڊي سنڌ جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار امير حاتم ولد طوطي خان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد محمد نعيم عرف خاڪسار جو ڀاءُ آهي.










