ڪيارا آڊواڻي شادي لاءِ جيسلمير رواني

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جو مشهور جوڙو سدھارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيارا آڊواڻي جلد ئي شادي لاءِ جيسلمير روانو ٿي ويو.سدھارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيارا آڊواڻي جي شادي سومر تي جيسلمير جي هڪ 5 اسٽار هوٽل ۾ ٿيڻ واري آهي، پر ڪنوار اڄ صبح ئي شادي جي تقريب لاءِ روانو ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا ڪيارا آڊواڻي کي پنهنجي والدين جگديپ ۽ جينيوي ايڊواني سان ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو. ڪيارا آڊواڻي پنهنجي شادي جي تقريب جي سلسلي ۾ اڄ صبح پنهنجي خاندان سان جيسلمير روانو ٿي وئي، جتي هوءَ 6 فيبروري تي اداڪار سدھارٿ ملهوترا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌندي، جڏهن ته شادي کان اڳ جون ٻيون رسمون اڄ شروع ٿينديون.ان کان اڳ سندن شادي ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد ڪالهه کان شروع ٿي وئي آهي.شادي ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جي رهائش جو بندوبست جيسلمير جي سوريا ڳڙهه پيلس هوٽل ۾ ڪيو ويو آهي جتي مهمان 7 وڳي تائين رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو