ڪيئي ڏهاڪا اڳ هٿرادو ذهانت جي ڀوائتن نتيجن بابت خبردار ڪندڙ فلم !

ڪيئي ڏهاڪا اڳ هٿرادو ذهانت جي ڀوائتن نتيجن بابت خبردار ڪندڙ فلم !

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)انساني اندازن کان وڌيڪ خطرناڪ سمجهي ويندڙ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي زور وٺندي نظر اچي رهي آهي جنهن بابت هزار کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي جي ماهرن مصنوعي ذهانت کي انسانيت لاءِ خطرو قرار ڏئي چڪا آهن. ايستائين جو ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ ادارن کي چيو آهي ته هو وڌيڪ جديد اي آءِ سسٽمز جي تياري کي عارضي طور روڪي ڇڏين. پر ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئي ڏهاڪا اڳ هڪ ڪينيڊي ڊائريڪٽر مشهورِ زمانه فلم ٺاهي هٿرادو ذهانت کان خبردار ڪيو هو. اسان ڳالهه ڪري رهيا آهيون ڪينيڊين فلم ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون جي، جنهن اڄ کان 39 سال اڳ 1984ع ۾ مشهور فلم ” دي ٽرمينيٽر“ ٺاهي هئي، جنهن ۾ مشهور اداڪار آرنلڊ شوارزنگر مک ڪردار ادا ڪيو هو. هاڻي جيمز مصنوعي ذهانت بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مان ” ٽرمينيٽر “ ٺاهي اوهان ماڻهن کي خبردار ڪيو هو پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو.هڪ انٽرويوءَ دوران جيمز ڪيمرون چيو ته 1984ع ۾ سائنس فڪشن فلم ” ٽرمينيٽر “ ٺاهي هئي، جنهن وارننگ سمجهڻ گهرجي ها پر ان پاسي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هٿيار ٺاهيا ويا ته ان جا هاڃيڪار نتيجا نڪرندا. هن امڪان ظاهر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ اسان اهڙي قسم جنگ هونداسين جيئن اڄڪلهه ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ لڳي پئي آهي. سندس چوڻ هوته جيڪڏهن اسان هٿرادو ذهانت جي روڪٿام تي ڪم ميو ويو ته وري ٻيا ماڻهو سامهون ايندا، تنهنڪري هاڻي ان ڊوڙ ۾ اضافو ئي ٿيندو. هدايتڪارچيو ته جنگ جي ميدان ۾ هٿرادو ذهانت اهڙي نموني تيز رفتاريءَ سان ڪم ڪندي جو انسان مداخلت ڪرڻ جي لائق ئي نه رهندو، جنهن بعد ڪنهن به قسم جي امن ڳالهين ۽ جنگبندي جا امڪان ختم ٿي ويندا. جيمز ڪيمرون طنز ڪندي چيو ته هٿرادو ذهانت جڏهن ويهن سالن کانپوءِ آسڪر ايوارڊ کٽيندي تڏهن اسان ان جي روڪٿام تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو