ڪوڙو کاتو ٺاهي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

گهوٽڪي( حميد ڪلادي)عادلپور جي رهواسي غريب پورهيت محمد انور انڙ گهوٽڪي پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثرن غلام رضا، عرفان علي ۽ عمران علي منهنجي امڙ جي زمين جو ڪوڙو کاتو ڪرائي زمين تي قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته گهوٽڪي جي تپيدار ارشاد ڪلوڙ، عبدالجبار ڪلوڙ۽ محمد پريل مخالفن کان رشوت وٺي اسان جي زمين جو هنن کي ڪوڙو کاتو ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا مختيار ڪار ۽ ايس ڊي ايم وٽ ويس پر هنن صرف ٺلها آسرا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مان مسڪين ۽ غريب آهيان گڏھ ڳاڏو هلائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليان پيو پر انصاف لاء در در جا ڌڪا پيو کاوان پر ڪو انصاف نٿو ڏياري. پورهيت محمد انور انڙ سيشن جج گهوٽڪي، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا ڪوڙو کاتو ٺاهيندڙ گهوٽڪي جي رشوت خور تپيدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري , زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو