ڪوهيڙي سبب ريل گاڏيون دير جو شڪار

ڪوهيڙي سبب ريل گاڏيون دير جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرينون ڪلاڪن جا ڪلاڪ دير جو شڪار آهن.هڪ مسافر ٻڌايو ته خيبر ميل کي ڪينٽ اسٽيشن تي رات 10 وڳي پهچڻو هو، پر اها 5 وڳي پهتي، مسافرن کي ٽرين بابت ڄاڻ ڏيڻ وارو ڪو به ناهي.مسافر جو چوڻ آهي ته سکر ايڪسپريس اڪثر دير سان نڪرندي آهي، ريلوي انتظاميا چئي رهي آهي ته ٽڪيٽ ريفنڊ نه آهي، ان کي رد ڪيو وڃي. ٽرينن جي اچ وڃ ۾ دير سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻئي طرف ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽرينن جي اچ وڃ ۾ دير ٿي رهي آهي.سي اي او ريلوي عامر بلوچ چيو آهي ته خراب موسم باوجود ٽرين آپريشن جاري آهي، پاڪستان ريلوي ڪا به ٽرين منسوخ ناهي ڪئي.عامر بلوچ چيو آهي ته سموگ متاثر علائقن ۾ ٽرينون گهٽ رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو